مودي جي فاشزم پاليسي مسلسل جاري اهي، ڪشمير جي صورتحال تي دنيا آڏو وائکو ٿي رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مودي جي فاشزم پاليسي لڳاتار جاري اهي ڀارت والاريل ڪشمير جي صورتحال تي دنيا آڏو بي نقاب ٿي رهيو آهي هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آمراڻن قدمن سان مودي دنيا ۾ بي نقاب ٿي رهيو آهي مودي کي ايوارڊ ڏيڻ سان ماڻهن جون دليون ڏکيون فواد چوڌري چيو ته پاڪستان هميشه مسلم امت جي مفادن کي پنهنجن ملڪي مفادن تي ترجيحي ڏني هاڻي هن پاليسي تي نطرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته رافيل ڊيل جي باوجود فرانسيسي صدر مودي کان والاريل ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي فواد چوڌري چيو ته آخري ٽن سالن ۾ مولانا فضل الرحمان جي ڪشمير ڪميٽي 17 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا پر هاڻي فخر امام ۽ شيرين مزاري جهڙا ماڻهو افيڪٽو آهن ڪشمير ڪميٽي ۾ ٻيا ماڻهو به شامل ڪيا پيا وڃن وفاقي وزير محرم جي چنڊ تي ڳالهائيندي چيو ته هن ڀيري به اسان پهرين سيپٽمبر تي محرم شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي اسان کي تڪڙ نه آهي جيڪڏهن اوهان ڪجهه ٺيڪيداري وڌيڪ هلائڻ چاهيو ٿا ته هلايو اسان جو جيڪو ڪم هو اسان ڪري ڏنو آهي باقي ڪم اسلامي نظرياتيڪائونسل جو آهي ڪرتارپور راهداري بابت هن چيو ته هن ڪوريڊور سان ڀارت جي سک برادري کي سهولت ملي رهي آهي ڪرتار پور سک برادري لاءِ مذهبي عقيدت جي حيثيت رکي ٿو هاڻي قومن جي مفادن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا وڃن ٿا فواد چوڌري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وزراعظم عمران خان گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته ٽيڪنوڪريٽس کي به سياسي فيصلن ۾ شامل ڪري سگهجي. پارليمينيٽري ڊيموڪريسي ۾ ووٽر اهم هوندو آهي اليڪٽڊ ماڻهن جي فيصلا سازي جي حيٿيت هوندي آهي وزيراعظم به ان جي اهميت کي سمجهي ٿو. هن چيو ته مان آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته صوبائي حڪومتن جو انفرااسٽريڪچر ٺيڪ نه آهي چيف سيڪريٽري ايڏو پاور فل آهي جو وزيرن کي باءِ پاس ڪري سگهي ٿو شهبازشريف، قائم علي شاهه جهڙي گورننس جي اهو ڪلاسڪ ڪيس آهي انهن ماڻهن پنهنجن وسيلن کي ضايع ڪيو وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۾ ٽرانسفر ۽ پوسٽون وڌيڪ ٿيون آهن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي صاحب کي هي معاملو ڏسڻ گهرجي پنجاب ۾ سيڪريٽريز جون مقرريون به جلد ٿيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *