مودي جي ذهنيت سياسي ناهي ، دهشتگرداڻي سوچ جو مالڪ آهي: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امر سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ڀارتي وزيراعظم جي ذهنيت سياسي ناهي پر هو دهشتگرداڻي سوچ جو مالڪ آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته يورپين ملڪن دهشتگردي جي ڪري نريندر مودي جي داخلا بند ڪئي هئي، مودي وزيراعظم بڻجندي ئي ورڪنگ بائونڊري تي حملو ڪيو ۽ ڪشمير ۾ قتل عام جاري رکيو آهي،سينيٽر سراج الحق چيو ته ڀارتي وزيراعظم جي بيان تي پرڏيهي آفيس ڪمزور جواب ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *