مودي جي آڪڙ هن خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي:عمران خان

نيويارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ۾ مائڪرو سافٽ جي باني بلگيٽس سميت مختلف اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان آگاهه ڪيو وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ۾ نالي واري اخبار اسٽريٽ جنرل جي ايڊيٽوريل بورڊ سان ڳالهائيندي کيس ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڄمون ۽ ڪشمير تي مڙهيل ۽ اتي ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان آگاهه ڪيو وزيراعظم چيو ته اسان کي خدشو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ٿيڻ کان پوءِ رتوڇاڻ ٿيندي مودي جي آڪڙ هن خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي مان عالمي طاقتن مان اميد رکان ٿو ته اهي مودي کي ان ڳالهه تي مجبور ڪن ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مصبرن کي اچڻ جي اجازت ڏي وزيراعطم چيو ته بين الاقوامي ميڊيا مودي جي اصل شڪل کي وائکو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو افغانستان ۾ امن سان سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو منهنجو خيال آهي ته آمريڪا طالبان ڳالهيون بحال ٿيڻ گهرجن پاڪستان جي معيشت سڌي رستي تي هلي رهي آهي ۽ ڏکيو وقت گذري چڪو ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون وزيراظم نيويارڪ ۾ ناروي جي وزيراعظم سان ملاقات دوران وزراعظم ناروي جي وزيراعظم کي خطي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو پاڪستان ناروي سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي اقتصادي رابطا وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ٻنهي وزيراعظمن جو ٻطرفو لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ناروي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي دوستي کي مضبوط ڪري ٿي وزيراعظم نيويارڪ ۾ مائڪرو سافٽ جي باني بلگيٽس سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ناڻي صلاحڪار واپار جي صلاحڪار ۽ ثانيه نشتر به موجود هئي ملاقات دوران پاڪستان ۽ بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن وچ ۾ احساس پروگرام جي تعاون لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون بلگيٽس فائونڊيشن احساس پروگرام کي فنڊز ٽيڪنيڪي امداد ۽ صحت ۽ غزا جي بهتري لاءِ عالمي ماهرن جي مدد فراهم ڪندي احساس پروگرام ۾ غربت جي خاتمي جا 134 پاليسي قدم شامل آهن ان موقعي تي وزراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي لاءِ سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪيو آهي خوشي آهي ته بلگيٽس فائونديشن احساس پروگرام کي مختلف شعبن ۾ مدد گراهم ڪندي بلگيٽس فائونڊيشن ويم دوران موت جي شرح گهٽائڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ تعاون ڪندي ملاقات ۾ احساس پروگرام ۾ شامل ون وومين ون بئنڪ پروگرام جي عورتن کي بااختيار ڪردار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي وزراعظم عمران خان ملڪ مان پوليو ختم ڪرائڻ جو عزم به ڪيو بلگيٽس چيو ته دنيا مان پوليو جو خاتمو بلگيٽس فائونڊيشن جي پهرين اوليت آهي فائونڊيشن 2020 دوران پاڪستان ۾ 220 ملين ڊالر خرچ ڪندي.

ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت خطي جي آبادياتي ترتيب کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي والاريل ڪشمير ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو انساني سانحو ٿيڻ جو خدشو آهي انٽرنيشنل انساني حقن جون تنظيمون ڀارت کي مجبور ڪن ته هو مبصرن کي اچڻ جي اجازت ڏي وزيراعظم عمران خان سان هيومن رائٽس واچ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪتر لينٿ راٿ نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪسمير ۾ هندستاني فوج جي انساني هقن جي سنگين ڀڃڪڙين کان آگاهه ڪيو زويراعظم چيو ته والاريل ڪشمير ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو انساني سانحو ٿيڻ جو خدشو آهي وزيراعظم ٻڌايو ته هڪ اندازي مطابق 15 هزار نوجوانن کي غيرقانوني تحويل ۾ ورتو ويو آهي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انٽرنيشنل انساني حقن جون تنظيمون ڀارت کي مجبور ڪن ته اهو مبصرن کي اچڻ جي اجازت ڏي هن چيو ته مان هتي ڪشمير جو سفير بڻجي آيو آهيان ۽ ڀرپور طريقي سان ان جو ڪيس پيش ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *