موجوده مرڪزي حڪومت ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي: خورشيد شاهه

سرگوڌا (م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوريت کي بچائڻ لاءِ اسپيڪر جي چونڊ ۾ اياز صادق جي حمايتر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سرگوڌا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته جمهوريت کي بچائڻ لاءِ اسپيڪر جي چونڊ ۾ ايازصادق جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شپ جي معاملي تي شفقت محمود سان رابطو ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته  موجوده مرڪزي حڪومت ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ٻين صوبن جي ڳالهه ڇڏيو، پنجاب ۾ به سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن، ماڻهن وٽ پيڻ جو پاڻي ناهي،۽ حڪومت ميٽرو بسن ۽ ٽرينن تي پئسو ضايع ڪري رهي آهي.خورشيدشاهه چيو ته ملڪ ۾ پڇاڻو بنا فرق جي ٿيڻ گهرجي، ڪرپشن جي نالي تي انتقامي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي، ڇا پنجاب جا حڪمران کير سان وهنتل آهن جو رڳو سنڌ ۾ ڪارروايون هلي رهيون آهن. عمران خان جي ريحام سان طلاق جي معاملي تي سندس چوڻ هو ته  عمران خان کي هاڻي ٽين شادي ڪرڻي آهي يا نه ڪرڻي آهي، عمران خان کان پڇيو وڃي پر عمران خان کي هڪ صلاح آهي ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ موڪلن تي هليو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *