موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪندي، عام چونڊون ملتوي ٿينديون: منظور وساڻ جي اڳڪٿي

خيرپور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪندي ۽ عام چونڊون ملتوي ٿي وينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ميان نواز شريف هميشه جمهوريت جي خلاف رهيو آهي، ماضي ۾ 2 ڀيرا پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪيرائي، سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي نواز شريف جي جيان خراب ٻولي ناهي ڳالهائيندي،  نااهلي تي اڳوڻي وزير اعظم جو احتجاج سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو مستقبل اليڪشن سان آهي، جڏهن چونڊون ئي نه ٿينديون ته عمران خان جو مستقبل ڪهڙو؟  سندس چوڻ هو ته سينيٽ جون چونڊن ڪرائڻ نواز شريف جي وس جي ڳالهه ناهي، ن ليگ جو صدر ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *