موجوده حڪومت يوسف رضا گيلاني خلاف ڪيس داخل ناهن ڪيا:چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته موجوده حڪومت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف ڪيس داخل نه ڪيا آهن. اسلام آباد ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پاران اها ڳالهه ڪرڻ ته موجوده حڪومت ان خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن،واري ڳالهه درست ناهي. هن چيو ته صوبن کي نادرا

کا ڇا گهرجي؟ان جي وضاحت ڪئي وڃي،جيستائين ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو معاملو آهي ته ملوث نادرا عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل عمران فاروق جي قتل ڪيس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهو معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي، انڪري ان تي راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هلي رهيو آهي،انڪري جيترو ٿي سگهي بيان بازي کان پاسو ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *