موجوده حڪومت عوام کي وڏا خواب ڏيکاريا پر روزانو مهانگائي جا بم وسايا پيا وڃن: شهباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جي اعليٰ سطحي صلاح مشوري واري اجلاس ۾ جميعت علماءِ اسلام ف جي آزادي مارچ ۾ شرڪت جي حوالي سان تفصيلي غور ۽ ويچار کانپوءِ سفارشون تيار ڪيون ويون، شهباز شريف اڄ خميس تي ڪوٽ لک پت جيل ۾ نواز شريف کي پيش ڪري مستقبل لاءِ رهنمائي وٺندو، ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس پارٽي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون ۾ ٿيو، اجلاس ۾ راجا ظفر الحق، احسن اقبال، پرويز رشيد، رانا تنوير، اياز صادق، مريم اورنگزيب، عبدالقادر بلوچ، امير مقام، شاهه محمد شاهه، رانا مسعود سميت ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ملڪي جملي صورتحال خاص ڪري آزادي مارچ ۾ شرڪت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن پنهنجي راءِ جو کلي اظهار ڪيو ۽ تجويز ڏني، اجلاس ۾ اڳواڻن معيشت جي خراب حالت ۽ مهانگائي وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده حڪومت اسان جي ترقي جي دور کي ريورس گير لڳائي ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته موجوده حڪومت عوام کي وڏا خواب ڏيکاريا پر روزانو مهانگائي جا بم وسايا پيا وڃن، حڪومت جي ناقص پاليسين سبب عوام جو صبر موڪلائي ويو آهي، عمران نيازي صبر جي تلقين ڪري رهيو آهي، حڪومت اڃا تائين ملڪ کي ڪو ئي رستو ناهي ڏئي سگهي، اجلاس ۾ سمورين سفارشن کي نقطن جي شڪل ۾ تيار ڪيو ويو، جيڪي اڄ خميس تي شهباز شريف ڪوٽ لک پت جيل ۾ نواز شريف کي پيش ڪري ان کان رهنمائي حاصل ڪندو، اجلاس کانپوءِ احسن اقبال ٻين اڳواڻن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر وڃي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ کان نٿو مڙي ۽ ان جي اجلاس ۾ مزمت ڪئي وئي آهي، ڪرپشن جي ريڪنگ ۾ پاڪستان وڌيڪ هيٺ اچي ويو آهي، پاڪستنا مان وڌيڪ ڪرپٽ ملڪن جا سربراهه ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پنهنجي ملڪ کي بدنام ناهن ڪندا، وزيراعظم بيمار ذهنيت جو مالڪ آهي جيڪو سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو سوچي، عمران نيازي واحد وزيراعظم آهي جيڪو ڪرپشن جا ڪسا ٻڌائي سيڙپڪارن کي پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪارن کي دعوت ڏئي ٿو. هن چيو ته رانا ثناءُ الله ڪيس ۾ سيف سٽي اٿارٽي فوٽيج سان حڪومت جو ڪوڙ ظاهر ٿي ويو، موجوده حڪومت پرويز مشرف جي بدترين مارشل لا جي دور کي به پوئتي ڍڪي ڇڏيو آهي، ان دور ۾ مسلم ليگ ن جي خلاف منشيات جا ڪيس نه ڪيا ويا پر عمران نيازي جي حڪومت جي دور ۾ اهڙا ڪيس ڪيا ويا آهن، نواز شريف جي خلاف سڀ ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل آهن، ان جو ثبوت اڳوڻي جج ارشد ملڪ جي ٽيپ جي صورت ۾ اچي چڪو آهي، حڪومت شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل خواجه ڀائرن، ڪامران مائيڪل سميت ڪنهن جي خلاف ريفرنس داخل نه ڪري سگهي آهي ڇو ته انهن ڪيسن ۾ تر جيتري سچائي نه آهي، ن ليگ هن وقت عمران نيازي جي حسد جو نشانو آهي پر اهڙن هٿڪنڊن سان اسان ڪمزور نه پر مضبوط ٿي رهيا آهيون ۽ ڪارڪنن ۾ جوش وڌي رهيو آهي، هن چيو سي اي سي جي اجلاس کانپوءِ اسان جي مولانا فضل رحمان سان ملاقات ٿي اسان جي خواهش هئي ته اسان کي متحرڪ ٿيڻ لاءِ ڪجه وقت ڏنو وڃي پر ان پاران اعلان ٿي چڪو هو ان لاءِ نئين صورتحال پيدا ٿي ۽ اجلاس ۾ ان تي تفصيلي صلاح مشورا ٿيا آهن ان جون سفارشون تيار ڪيون ويون آهن جيڪي شهباز شريف پارٽي اڳواڻ نواز شريف اڄ خميس تي ڪوٽ لک پت جيل ۾ ملاقات ڪري پيش ڪندو، نواز شريف جيڪو به اعلان ڪندو اهو ئي ن ليگ جو آخري فيصلو هوندو.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *