موجوده حڪومت دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ و ڙهي، ملڪ جي معيشت کي استحڪام ۽ مضبوط انفراستڪچر ڏنو : وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت دهشتگردي جي خلاف فيصلائيتي جنگ وڙهي ملڪ جي معيشت کي مٿي آندو ۽ مضبوط انفراسٽڪچر ڏنو. اقبال ڊي جي موقعي تي وزيراعظم پيغام ۾ چيو ته علامه محمد اقبال اسانجي فطري روايت جو سڀ کان روشن حوالو آهي، هن هند جي مسلمانن کي هڪ اهڙي دور ۾ منزل جو ڏس ڏنو جڏهن سندن تهذيبي وجود کي  ڪيترائي خطره هئا، علامه اقبال جي فڪر مايوسي ۽ نااميد واري ماحول ۾ اميد جو اهو ڏيئو ٻاريو جنهن نه فقط منزل پر رستي جو به تعين ڪيو. علامه اقبال نه صرف هڪ آزاد ۽ خودمختار رياست جو تصور ڏنو پر ان  ڳالهه جي به پروڙ ڪئي ته  هڪ جديد اسلامي ملڪ کي ڪهڙا ڪهڙا چيلنج آڏو اچي سگھن ٿا، علامه اقبال مسلم رياستن کي اهو رستو ڏيکاريو ته جديد  دوري جي تقاضائن تي پور ولهڻ جي لاءِ کين جمهوري اصولن جي بنياد تي پنهنجي سياسي نئين سر جوڙ جڪ ڪرڻ گھرجي ۽ جمهوري قدرن سان سلهاڙجي شهرين کي سياسي ۽ سماجي عمل جو حصو بڻائڻ گھرجي، پاڪستان مسلم ليگ هڪ اهڙي جمهوري پاڪستان جي لاءِ ڪوشان آهي، جنهن عوام جي بصيرت مان  فائدو و ٺندي  ۽ ان جي رائي جو فائدو وٺندي سندن مسئلن جو هل ڳولهيو وڃي. گذريل چئن سالن کان مسلم  ليگ نون  جي حڪومت ان ڳالهه لاءِ ڪوشان رهي آهي ته پاڪستان کي جديد دور جي هڪ اهڙي  ترقي يافته رياست بڻايو وڃي جيڪا هڪ پاسي مسلم  تهذيب سڃاڻپ جي نگهبان هجي ۽ ٻئي پاسي عالمي اخلاقي قدرن جي علمبردار هجي جنهن ۾ بنا فرق مذهب ۽ رنگ سڀني کي هڪ جھڙا حق حاصل هجن. شاهد خاقان عباسي چيو ته ٽي وي تي ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ ن سان مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا، فقط ساڍن چئين سالن جي گھٽ مدي ۾ 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي آهي، انجنيئرن جي ترقي سان ڪوبه مل اڳتي نه ٿو وڌي سگھي جيڪڏهن انجنيئر پنهنجون ذميواريون بهتر طورتي ادا ڪن ته ڪم ۾ سولائي ٿيندي، سي پيڪ انجنيئرن جي  پروجيڪٽ آهي،  ان حوالي سان  پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل قائداڻون ڪردار ادا ڪري پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (پي اي سي )  جي اهتمام هيٺ سالياني انجنيئرنگ ڪنيونيشن کي خطاب ڪيو هو، خرم دستگير، احسن اقبال ۽ پي اي سي جو چيرمين ان موقعي تي موجود هيو، وزيراعطم چيو ته اميد آهي ته پي اي سي  جو ڪنوينشن هڪ اهڙو ساليانون ايوينٽ ثابت ٿيندو  جتيملڪ ۾ انجنيئرنگ ۽ انجنيئرن جي مسئلن تي ڳالهه ٻول ٿيندي هن چيو ته ملڪ  جو دفاع وارو وزير، گھرو  ۽ رٿابندي و ارو وزير تعليم وارو وزير ۽ ڪيترن ٻين اعليٰ عهدن تي انجنيئر مقرر آهي انهن تي ڳري ذميواري آهي ته اهي انهن عهدن تي رهي بهتر ڪم ڪن، و زيراعطم چيو ته پي اي سي ماضي ۾ سياست جي ور چڙهي وئي پر هاڻي هي ادارو فعال ٿي رهيو آهي انجنيئرن ۽ انجنيئرز  جي ترقي  کانسواءِ ڪوئي ملڪ ترقي نه ٿو ڪري  سگھي هن چيو ته وقت سان گڏ انجنيئنرنگ جي تقاضن ۾ به وڏي تيزي سان تبديلي آئي آهي . انجنيئرز وٽ مسئلي جي حل جي لا3 هڪ طريقو هوندو آهي جنهن کي انجنيئرن جي تعليم چئجي ٿو، ان ڪري جيڪڏهن انجنيئرن پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سان نڀائين ته ملڪ ترقي ڪري سگھي ٿو، وزيراعظم چيو ته 2013 ۾ جڏهن  مسلم ليگ نون حڪومت ٺاهي هئي ته ان وقت وزيراعظم نوازشريف مونکي پيٽرول جو قلمدان ڏنو جيڪو منهنجي لاءِ حيران ڪرڻ وارو هيو جڏهن ته مونکي ٻن هفتن ۾ احساس ٿي ويو ته ملڪ ۾ اضافي گيس نه آڻينداسي ته توانائي جو بهران ختم نه ٿيندو ان حوالي سان ڪافي ماڻهن تنقيد ڪئي پر ان سان مسئلا ناهن ٿيندا. مسئلو واضع هيو ته ملڪ کي واڌو گيس گھرجي ۽ اسان ان تي  ڪم ڪيو اڄ انهن قدمن جي نتيجن  تي توانائي جي بحران تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، هن چيو ته ان وقت گيس تي هلندڙ پاور پلانٽ، فرٽيلائيزر پلانٽ ۽ انڊسٽري بند هئي  ۽ ڳالهه گھريلو استعمال جي لاءِ   ڪئي ويندڙ سپلائي جي بند ڪرڻ تائين پهچي وئي ملڪ۾ بجلي نه هئي جڏهن ته ڀاڻ ٻاهران گھرايو پيو ويو، وزيراعظم چيو ته اها صورتحال چيلنج هئي اسانجي حڪومت مسئلن جي باوجود ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ٽي وي تي ماڻهون جيڪي ڪهاڻيون ٻڌايئن ٿا انهنسڀني جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا، هن چيو ته ملڪ 70 سالن 17 هزار ميگا واٽ بجلي بڻائي وئي ۽ اسانجي حڪومت فقط ساڍن چئن سالن جي گھٽ مدي ۾  10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي  آهي، هن چيو ته انجنيئرن جو بنيادي ڪم اعليٰ معيار تي ڪم ڪرڻ آهي تڏهن ملڪ جا مسئلا حل ٿيندا، هن چيو ته انجنيئرن جا سمورا مطالبا انتظامي نويعت جا آهن ۽ اهي حل ڪيا ويندا،. هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي  جنهن نيوڪليئر ٽيڪنالوجي ڊويلپ ڪئي آهي دنيا جا ڪجھه ملڪ ئي ائين ڪري سگھيا آهن، ان ۾ گھڻو ڪم انجنيئرن جوآهي. اسان جيڪڏهن هي ڪري سگھون ٿا ته ٻين شعبن ۾ معياري ڪم ڇونه ٿا ڪري سگھون هيءُ ئي اهو بنياد آهي جنهن سان انجنيئرن جو شعبو ترقي ڪري سگھي ٿو ، جنهن جي نتيجي ۾ ان شعبي سان  لاڳاپيل انجنيئر ڪم به ڪري سگھندا ۽ روزگار به حاصل ڪري سگھندا، هن پي اي سي پاران سالياني انجنيئرز ڪنوينشن جي اهتمام کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *