موجوده حالتن ۾ ڀارت سان واپار ممڪن ناهي: عمران خان

اسلام آباد(م.د) وزير  اعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾ ڪيترن ئي وزيرن بجلي جي بلن بابت عمر ايوب کان سخت سوال ڪيا ۽ ڪيتريون تجويزون پڻ ڏنيون،  وزيرن بلي جي بلن بابت پاليسي تي پڻ عدم اعتماد جو اظهار ڪيو، اجلاس دوران بجلي جي قيمتن بابت  عمر ايوب بريفنگ ڏني جنهن دوران وفاقي وزيرن ان کان ڪيترائي سخت سوال به پڇيا، وزيرن جو چوڻ هو ته بجلي بلن بابت پاليسي مان مطمئن ناهن، ڪا واضح پاليسي هئڻ گهرجي، ڪابينا اجلاس جي دوران ايجنڊا ۾ شامل  ڪيترن ئي نڪتن جي منظور ڏني وئي، وفاقي ڪابينا ڀارت سان ڪيڙا مار دوائن جي درامد جو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر موخر ڪيو ويو، ان حوالي سان وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته  موجوده حالتن م ڀارت سان واپار ممڪن ناهي،  اجلاس دوران وزير اعظم هدايت ڪئي ته مسابقتي ڪميشن جي ڪردار  جو به جائزو ورتو وڃي،  هن ان تي سوال اٿااريو ته مسابقتي ڪميشن کنڊ جي بحران جي معاملي تي خاموش تماشائي ڇو بنيو رهيو؟، ان حوالي سان وزير اعظم جي خاص معاون اطلاعات داڪٽر فردوس عاسق اعواڻ ڪابينا اجلاس بعد  پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفاقي ڪابينا کنڊ جي جاچ ڪرڻ واري ڪميٽِي کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪميٽي ڪجهه معاملن جي تحقيقات جي لاءِ خاص ٽيمون جوڙڻ جي مجاز هوندي.  ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ مان غربت جي خاتمي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ غربت جو مقابلو ڪرڻ اسان جو مشن آهي. اسلام آباد ۾ ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مهذب معاشري جي سڃاڻپ غريبن جي رهڻي ڪهڻي سان هوندي آهي، پاڪستان ۾ غربت جو مقابلو ڪرڻ اسان جو مشن آهي ۽ حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ان مقصد لاءِ انگن اکرن جو شمار وڏي اهميت رکي ٿو، عوام تي پئسو خرچ ڪندي زميني حقيقتن کي نظر ۾ ناهي رکيو ويندو، ترقياتي فنڊ پٺ تي پيل علائقن ۾ خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ جو 55 سيڪڙو لاهور تي لڳو، جنهن سبب ٻيا شهر محروم رهيا. هن چيو ته ڊيٽا فار پاڪستان ان لاءِ ضروري آهي ته اسان ماڻهن کي ٻڌايون ته ڪٿي پئسو خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان ڊيٽا سان خبر پوندي ته ٻارڙيون ڇو نه پڙهي رهيون آهن، ڇو پوئتي رهجي ويون آهن، ڊيٽا فار پاڪستان ملڪ لاءِ تمام ضروري هئي، فيصلي سازي ۽ فنڊ رکڻ ۾ اهي انگ اکر مددگار هوندا، انگن اکرن جي شمار تحت صوبائي مالياتي ايوارڊ ۾ سولائي ٿيندي، جڏهن ته ڪمزور طبقي جي خوشحالي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *