موجوده حالتن ۾ پاڪ فوج سٺو ڪردار، پهريون ڀيرو ڪنهن آرمي چيف جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ جو چٽو موقف اختيار ڪيو: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ پاڪ فوج بهتر ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن آرمي چيف جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ جو چٽو موقف اختيار ڪيو آهي، پاڪستان نائين اليون ۾ ملوث نه هئو ان جي باوجود آمريڪا جي جنگ ۾ حصو ورتو، جڏهن ته پاڪستان ۾ القائده يا طالبان جو ڪو به وجود نه هو، پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عائشا گلالئي جي الزامن تي موبائيل فرانزڪ جي آڇ ڪندي چيو ته گل لئي جي الزامن تي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، هوءَ 3 سال اڳ ڪيل منهنجو ميسيج ڏيکاري ۽ پنهنجو موبائيل فون کڻي اچي ته ٻنهي جي موبائيل جو فرانزڪ ٿي وڃي، هن چيو ته مخالفن مون مٿان فوج جي مدد جو الزام مڙهيو پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن فوج مون سان گڏ آهي ته مون کي ڪيئن فائدو پهچائي رهي آهي، ڇا جلسن ۾ ماڻهن کي فوج ئي موڪليندي آهي، عمران خان چيو ته فوج فيز آباد جو ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن تي حڪمرانن ۽ سڄي قوم کي فوج جا ٿورا مڃڻ گهرجن، جيڪڏهن اهو معاملو حل ڪرڻ لاءِ فوج نه اچي ها ته پاڪستان جون حالتون خراب ٿي سگهن پيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *