موجوده جمهوري حڪومت آزادي اظهار راءِ تي يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سنڌ سماءُ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو دورو ڪيو ان موقعي تي مملڪتي وزير پي آءِ ڊي ۾ اطلاع واري وزارت جي اختيارين سان ملاقات ڪئي جن ۾ پريس انفارميشن آفيسر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي. پريس انفارميشن آفيسر مملڪتي وزير کي کاتي جي ڪم ۽ طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني مملڪتي وزير چيو ته موجوده جمهوري حڪومت آزادي اظهار راءِ تي يقين رکي ٿي مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت ملڪ ۾ آزاد ميڊيا جي ترقي لاءِ سهولتن جي فراهمي جاري رکندي هن چيو ته پي آءِ ڊي ڪارڪردگي جي پلان موجب شفافيت کي يقيني بڻائي هن چيو ته پاڪستان جي مثبت حيحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنڪ اپنائي وڃي مريم اورنگزيب چيو ته اشتهار جي لاءِ سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي به استعمال ڪيو وڃي. آفيسرن پيشيورانه معاملن جي ادائيگي ۾ درپيش للڪار سان مملڪتي وزير کي آگاهه ڪن جنهن تي ان پي آءِ ڊي آفيسرن کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *