موجوده اپوزيشن ملڪي تاريخ جي غيراخلاقي اپوپزيشن آهي، آءِ ايم ايف سان مسئلو ڊيل نه پر نه ڊيل بابت شرطن جو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده اپوزيشن ملڪي تاريخ جي غيراخلاقي اپوپزيشن آهي چيئرمين پي اي سي کي ڪرپشن جي خلاف ڍال طور به استعمال نه ڪنداسين. پارليمان ۾ اسان جي اڪثريت آهي مخالف ڌر کان سواءِ به پارليمانکي هلائي سگهون ٿا هڪ انٽرويو ۾ چوڌري فواد چيو ته شهبازشريف به پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏي ڇو ته جڏهن کان شهبازشريف پي اي سي جو چيئرمين ٿيو آهي تڏهنک ان لاڳيتو نيب جي جاچ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هو پنهنجي عدالتي ڪلارروائي ۾ به پيش نه پيو ٿئي هو مسلسل منسٽر اڪليوز ۾ رهي ٿو ۽ مڪمل پروٽوڪول مان به مزو وٺي رهيو آهي هن چيو ته شهبازشريف سعد رفيق کي به پي اي سي ڪارڪن بنائڻ لاءِ چيو ته جيئن جيڪڏهن هو اسيمبلي سيشن ۾ ناهي ته کيس به پي اي سي ۾ آندو وڃي جنهن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته شهبازشريف ۽ مسلم ليگ (ن) احتساب جي عمل کان بچڻ لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي هڪ ڍال طور استعمال ڪيو آهي جنهن کي اسان قبول نه ڪدناسين هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن شهبازشريف پاڻ اخلاقي طور تي پي اي سي جي چيئرمين شپ تان استعيفا ڏنو 0ئي ته پوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا ميمبر ووٽ جي ذريعي شهبازشريف کي ڊي سيٽ ڪري سگهن ٿا ۽ قانون ۾ به اهو آپشن موجود آهي.

فواد چوڌري چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان مسئلو ڊيل نه پر نه ڊيل بابت شرطن جو آهي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري چيو ته اهڙي شفاف ڊيل چاهيون ٿا جيڪا ننڍي مدي ۾ پاڪستان لاءِ مددگار ثابت ٿي ۽ اسان جي ڊگهي معاشي مقصدن تي اثرانداز نه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن اتفاق راءِ سان بيل آئوٽ پيڪيج جو خواهشمند آهي، اهڙا شرط نه ٿا چاهيون جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان دبئي ۾ ٿيل عالمي اجلاس ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کانپوءِ آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات ڪندو جنهن سندن موقف سمجهڻ ۾ موقعو ملندو اسان کي به پنهنجو موقف پيش ڪرڻ ۾ موقف ملندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *