مواصلات جو فن عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ کين ترقي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ اڻٽر آهي: صدر عارف علوي

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ڊاڪتر عارف علوي چيو آهي ته مواصلات جو فن عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ کين ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ اڻٽر آهي اها ڳالهه هن آئي بي اي سٽي ڪئمپس ۾ ترقياتي بحث ۽ تنقيدي عنوانن تي ٻي سالياني ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي صدر چيو ته ڪجهه ماڻهو مواصلات جي هنر تي پورو نٿا لهن هن چيو ته اسان کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ٽولز کي سکڻو پوندو هن وڌيڪ چيو ته خوراڪ جي پيداوار ۽ صحت جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ ٽولز دستياب آهن صدر چيو ته اسان جي معاشري ۾ اهو عام تاثر آهي ته مولوي ملڪ ۾ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ رڪاوٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جيڪو غلط اهي هن چيو ته مولوي اسان جي مدد لاءِ حاضر آهن صدر چيو ته اولهه ۾ به عورتن کي برابر حق فراهم نٿا ڪيا وڃن هن چيو ته عورتن ۾ ٽيلنٽ آهي ۽ اهي پاڪستان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ميرٽ تي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا وٺن ٿيون هن چيو ته ترقي جي رستي ۾ ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر رابطو وقت جي ضرورت آهي ان کان اڳ آئي بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايس اڪبر زيدي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪانفرنس ۾ ڀليڪار چيو ايس اڪبر زيدي چيو ته هن ڪانفرنس ۾ ننڊن کان وڏن مسئلن تي ڳالهيون ويو آهي جنهن ۾ معذوري تي به ڳالهه ٻولهه شامل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *