مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ پوجا سان گڏ ڪراچي ايندو

نئين دلي:(شُوبز نيوز) بالي ووڊ جو مشهور فلساز مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ، اداڪاره ۽ هدايتڪاره پوجا ڀٽ سان گڏ 12 مارچ کان شروع ٿيندڙ ناپا انٽرنيشنل ٿيٽر فيسٽيول ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي اسٽيج پلي ڊيڊي سان گڏ ڪراچي پهچي رهيو آهي، انڊيا ٽوڊي جي رپورٽ مطابق هو 1989ع ۾ ان ئي نالي سان هڪ فلم به ڊائرڪيٽ ڪري چڪو آهي جنهن ۾ اداڪاري سان پوجا ڀٽ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي پر هان ڊيڊي ڪراچي ۾ اسٽيج ٿيڻ وارو آهي،  پوجا ڀٽ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ڊرامي جي مرڪزي ڪردار ۾ دلي سان تعلق رکندڙ اداڪاره عمران زاهد ڪاسٽ آهي جڏهن ته عمران خان اسٽيج ڊرامي ۾ فلم ڊيڊي ۾ انوپم کير وارو ڪردار پيش ڪندو ناپا ري پيٽري ٿيٽر جي آرٽسٽڪ ڊائريڪٽر زين احمد مطابق مختلف ملڪن جا ڄاتل سڃاتل ٿيٽر آرٽسٽس فيسٽيول ۾ پنهنجو فن پيش ڪندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *