مهوش حيات پاڪستاني نارين جي حقن جي خير سگالي سفير مقرر

 

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا مهوش حيات کي پاڪستاني نارين جي حقن جي خير سگالي سفير مقرر ڪئي وئي، مهوش حيات هڪ وڊيو پيغام ۾ ٻڌايو ته کيس انساني حقن واري وزارت پاڪستاني نارين جي حقن لاءِ خير سگالي سفير مقرر ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته اها منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته مان نارين کي انهن جا حق ڏيارڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهنديس ڇو ته مان هڪ اهڙو پاڪستان ڏسڻ چاهيان جتي نارين کي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏنا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *