مهمند ايجنسي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن  تي دهشتگردن جا حملا، 9 اهلڪار شهيد

پشاور(اي پي پي) لوئر مهمند ايجنسي ۾ دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ 9 خاصه دار شهيد ٿي ويا. پهريون واقعو اربع ۽ خميس جي وچ واري رات ڪڙپه ڪيمپ تعلقي پنڊيالي گنداپ روڊ تي ان وقت پيش آيو جڏهن اڻ ڄاتل دهشتگردن سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي موجود خاصه دارن کي جديد اسلحي سان نشانو بڻايو. حملي جي نتيجي ۾ 7 خاصه دار موقعي تي شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ مراد خان، ملتاني، نصير خان، فرحاد خان،ابن امين، ذاڪر خان ۽ انوار خان شامل آهن. ٻيو واقعو درازي علائقي تعلقي يڪه غنڊ مهمند ايجنسي ۾ پيش آيو جتي موجود خاصه دار تاج ولي ۽ بلال خان جيڪي هڪ ٽيوب ويل تي ڪم ڪري رهيا هئا ته دهشتگردن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري انهن کي شهيد ڪري ڇڏيو. اهو واقعو گذيل ڏينهن پيش آيو، شهيدن جا لاش خاڪي غلطئي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. حملي آور موقعي تان فرار ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *