مهمد ايجنسي ۽ لاهور ۾ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ٻارڙن سميت 5 ڄڻا دٻجي فوت

مهمند ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مهمند ايجنسي جي علائقي سندو خيل ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته لاهور ۾ برسات دوران  گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. مهمند ايجنسي ۾ تعلقي صافي جي علائقي سندو خيل ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا. ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا سخت زخمي پڻ ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. لاهور جي شاهدره واري علائقي ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو ملبي هيٺيان اچي دٻجي فوت ٿي ويا. حادثي سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پوليس ۽ ريسڪيو ادارن واقعي واري هنڌ  پهچي  ملبي دٻجي فوت ٿي ويل ۽ زخمي کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منقتل ڪيو. لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، جنهن کي طبي امداد ڏني وئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *