مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ شريڪ ٻنهي ٻانهن کان معذور ٻن اميدوارن جي وي سي سان ملاقات، وائيس چانسلر پاران ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي صورت ۾ کين داخلا فيس معاف ڪرڻ جو اعلان

ڄامشورو (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيل ٻن اسپيشل اميدوارن، جيڪي ٻنهي ٻانهن کان معذور آهن لاءِ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ساڻن امتحاني هال ۾ مليو. ان دوران هن اعلان ڪيو ته،ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي صورت ۾ کين داخلا في معاف ڪئي ويندي. ٻنهي هٿن کان معذور اميدوارن ساحل ٻگهيو ولد نزار ٻگهيو جنهن جو تعلق مورو سان ۽ ٻيو عبدالسلام ولد فضل الرحمان پٺاڻ جيڪو گلشن خير محمد فتح چوڪ حيدرآباد جو رهواسي آهي. ٻنهي باهمت ۽ ذهين شاگردن پير جي آڱوٺي ۾ پين ڦاسائي ٽيسٽ پيپر ڏنو. هنن چيو ته انجنيئر ٿيڻ اسان جو خواب آهي ۽ انشالله داخلا ٿيڻ جي صورت ۾ سٺا انجنيئر ٿي ڏيکارينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *