مهانگائي سميت اسان جي مسئلن جو حل آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ نه آهي، قرآن ۽ سنت جي نفاظ ۾ آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته مهانگائي سميت اسان جي مسئلن جو حل آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ نه پر قرآن ۽ سنت لاڳو ڪرڻ ۾ آهي، وياجي نظام کان نجات کانسواءِ معيشت بحال ۽ ملڪ ۽ قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، ڇو ته خزاني جو وڏو حصو وياج جي صورت ۾ قرض لاهڻ ۾ هليو وڃي ٿو، پاڪستان هڪ نظريي جي بنياد تي قائم ٿيو هو پر 72 سالن ۾ هڪ ڏينهن به ان نظريي تي عمل ناهي ٿيو، اڄ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشان واپاري آهن جن پنهنجي اتحاد سان حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو،جماعت اسلامي واپاري برادري سان گڏ آهي، هر فورم تي توهان جو ڪيس وڙهنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس جي آجياڻي ۽ حيدرآباد جي ميمبرن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اسد الله ڀٽو، امير جماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي، ممتاز سهتو، چيمبر آف ڪامرس جو صدر حاجي شاڪر گلشن الاهي ۽ ٻيا واپاري اڳواڻ موجود هئا، ان کان اڳ سراج الحق حيدرآباد پهچڻ تي واپارين شاندار آجيان ڪئي ۽ کيس سنڌ جي روايتي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *