مهانگائي خلاف ملڪ گير مظاهرا نااهل سرڪار تي عوامي بي اعتمادي آهي: پيپلز پارٽي

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران جمعي تي مهانگائي معاشي بدحالي ۽ سليڪٽڊ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين جي خلاف ملڪ گير احتجاج تحت ڪراچي جي 6 ضلعن سميت سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن پاران احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي سينيٽر ميان رضا رباني، سينيٽر شيري رحمان، سيد قائم علي شاهه، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيتر تاج حيدر، وقار مهدي، شهلا رضا، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته مهانگائي خلاف ملڪ گير مظآهرا نااهل سرڪار تي عوامي بي اعتمادي آهي، آئي ايم ايف ۽ حڪومت وچ ۾ ڳجهي معاهدي تحت ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيل آهي، پارليامينٽ کان مٿان ڪيل عوام دشمن معاهدن جي خاتمي لاءِ نيازي حڪومت کي گهر موڪلڻو پوندو پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڏکڻ تحت ريگل چوڪ تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي سينيٽر رضا رباني چيو ته سڄي ملڪ جو عوام آئي ايم ايف ۽ پي ٽي آئي حڪومت جي خلاف سراپا احتجاج آهي عمران خان آئي ايم ايف جو پٺو آهي، هي اهو ڪراچي آهي جتان ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي خلاف بغاوت جو علم کنيو هو حڪمرانن مزدور جي گهر جي چلهه به وسائي ڇڏي آهي هن چيو ته حڪومت ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ ڳجهو معاهدو ٿيو آهي، جنهن بابت پارليامينٽ کي نه پتو آهي نه ئي عوام کي حڪومت آمريڪي سامراج ۽ آئي ايم ايف سان معاهدو ڪيو آهي جيڪڏهن معاهدو ختم ڪرڻو آهي ته نيازي حڪومت کي ختم ڪرڻو پوندو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته حڪمرانن جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي عوام مهانگائي بدامني ۽ بدانتظامي جي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، اڄ کان بي اعتمادي جي رٿ شروع ٿي چڪي آهي اسان جو هڪ ئي قبلو آهي الله ۽ عوام عمران نيازي جو قبلو آمريڪا آهي، وقار مهدي چيو ته اڄ عوام مهانگائي جي خلاف نڪتو آهي اسان کي نئون نه پراڻو قائداعظم ۽ قائد عوام جو پاڪستان گهرجي مظآهري ۾ سينيٽر شهادت اعواڻ، جاويد ناگوري، سينيٽر يوسف بلوچ، خليل هوت، ايم پي اي شميم ممتاز، شازيه سنگهار ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو سيد قائم علي شاهه محمد صادق جوکيو سلمان عبدالله، مراد بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ ايم اين اي آغا رفيع الله، سنڌ اسيمبلي ميمبر راجا رزاق، يوسف بلوچ شاهينه شيرعلي، سليم بلوچ، مير عباس ٽالپر، جان محمد بلوچ، امداد جوکيو، نذير ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيد قائم علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو سڀني پارٽين کي دعوت ڏني ته ميدان ۾ اچو ۽ نااهل سرڪار ۽ چور وزيراعظم کي گهر اماڻيون پيپلزپارٽِ هر دور ۾ ڊڪٽيٽر کي گهر اماڻيو آهي، مهانگائي جي طوفان جو خاتمو نااهل سرڪار کي گهر موڪلڻ کان سواءِ نه ٿيندو چور وزيراعظم کي گهر موڪلڻو پوندو. سينيٽر تاج حيدر چيو ته عمران نيازي مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي ملڪ جي 74 سالن جي تاريخ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هن وقت ملڪ جي عوام کي بيڊ گورننس ۽ ڪرپشن ۾ پوريون ويو آهي جيستائين پيپلزپارٽي عوامي جدوجهد جي ذريعي پي ٽِ آئي جي سليڪٽڊ حڪومت کي اقتدارتان نٿي لاهي اسان سک سان نه وينداسين مظاهري کي جاويد شيخ، مرزا مقبول، ذوالفقار قائخاني ۽ ٻين به خطاب ڪيو. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته هن وقت عمران خان جي  بدانتظامي جي ڪري سڄو ملڪ سراپا احتجاج آهي عوام کي ٻن ويلن ته ڇا هڪ ويلي جي ماني به کسي وئي آهي، عوام ڳرا بل ڏيڻ جي باوجود بجلي ۽ گئس لاءِ سکي رهيو آهي مظاهري کي حبيب الدين جنيدي، لالا رحيم، آصف خان، شرميلا فاروقي، وقاص شوڪت، سردار نذاڪت ۽ ٻين خطاب ڪيو لياقت آباد ۾ احتجاجي مطآهري کي خطاب ڪندي سيده شهلا رضا چيو ته عمراني حڪومت عوام کي جيئري ئي پوري ڇڏيو آهي جيڪو تبديلي جو نعرو هڻي آيو هو هن تباهي مچائي ڇڏي آهي بجلي اگهن ۾ 57 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ڪراچي مان جيڪي ماڻهو ايوانن ۾ وڇي ويٺا آهن انهن جي خاموشي تي ڏک ٿو ٿئي ڪراچي جي چئمپين پنهنجي مفاد لاءِ 3 بيرا حڪومت چڇڏي پيپلزپارٽِ اولهه ضلعي پاران احتجاجي مظآهري کي خطاب ڪندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب قادر خانمندوخيل ڊاڪٽر شاهده رحماني ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي جو جن آزاد ڪري ڇڏيو آهي، غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ سڪي رهيو آهي سليڪٽڊ سرڪار جون سموريون پاليسيون اي ٽي ايم جي فائدي لاءِ آهن، بلاول ڀٽو پاڪستاني عوام لاءِ ڇوٽڪارو ثابت ٿيندو ڪراچي ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن ۾ پيپلز يوٿ، پيپلز ليبر بيورو، پيپلز عورتن واري شعبي سميت ٻين ذيلي تنطيمن جي ڪارڪنن ۽ پورهيتن شرڪت ڪئي مطآهرين مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪومت جي خلاف ڇتي نعيربازي ڪئي ۽ وزيراعظم جي اسعتفا جو مطالبو ڪيو مهانگائي خلاف جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سائيڪل گڏهه گاڏي، موٽر سائيڪلز تي ويهي مظآهرن ۾ شرڪت ڪئي ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *