مهانگائي جو ذميوار وزيراعظم قرار، عمران خان ڪنهن ٻئي کي نه پر پاڻ کي سزا ڏئي؛ پيپلز پارٽي

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته مهانگائي جو ذميوار وزيراعظم پاڻ آهي ڪنهن ٻئي کي نه پر پاڻ کي سزا ڏئي. وزيراعظم اسان کي پيارو آهي ، پاڻ کي ڪا ئي ٻئي سزا نه ڏئي بس رڳو مهرباني ڪري عوام جي جند ڇڏي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان صاحب اوهان عوام کي وڌيڪ بيوقوف بنائڻ لاءِ نوان نوان اعلان ڪريو ٿا ۽ پوءِ يوٽرن وٺو ٿا، آءِ ايم ايف جي عوام دشمن پيڪيج  تي ڪنهن عمل ڪيو بجلي ڪنهن مهانگي ڪئي، سليڪٽيڊ صاحب ٻڌايو ته گيس ڪنهن مهانگي ڪئي، بني گالا وارا ٻڌايو پيٽرول ڪنهن مهانگو ڪيو، دوائون ڪنهن مهانگيون ڪيون، اٽو کنڊ جي ذخيري ڪندڙن کي پناهه ڪنهن ڏني. هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جو آسرو  ڏئي لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪنهن ڪيو. 50 لک گهر ٺاهڻ جو ڪوڙو واعدو ڪري هزارين گهر ڪنهن ڪيرايا رڳو ڪجهه مهينن ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ڪنهن ٻوڙيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *