مهاجر ڪنهن زبان جو نالو ناهي، مهاجر لفظ کي حضور ڪريم صلم جن جي هجرت سان جوڙيو پيو وڃي: نثار کهڙو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته مهاجر ڪنهن زبان جو نالو نه آهي پر مهاجر لفظ کي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هجرت سان جوڙيو پيو وڃي ، پاڻ ڪريم جن ته هجرت ڪئي پر ڪڏهن به مديني جا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي ان لاءِ ايم ڪيو ايم جا دوست  اهڙيون ڳالهيون ڪري ماحول کي خراب نه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته لڳي پيو ته سڄو معاملو مڪاني چونڊن جي آمد جو آهي ان لاءِ عوام کي مڪاني چونڊن ۾ جنهن کي ووٽ ڏيڻو هوندو ان کي ئي ڏيندو پر نفرتون پکيڙيندڙ ڳالهيون نه ڪيون وڃن. نثار احمد کهڙو چيو ته الطاف حسين انتظامي يونٽن ۽ خالد مقبول صديقي صوبي جو مطالبو ڪري رهيو آهي جيڪڏهن سندن پارٽي يا ليڊرشپ جو ڪو مسئلو آهي ته اهو سندن اندروني معاملو آهي ته هو پاڻ ئي حل ڪن. هن چيو ته سنڌ فاٽا يا وزيرستان ناهي جو انتظامي يونٽن ۽ صوبن جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. هن چيو ته شيخ رشيد جهڙي فضول ماڻهون تي ڳالهائي وقت ضايع نه ٿو ڪرڻ چاهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *