منھنجو مقصد ڪراچيءَ کي بھتر ڪرڻ ۽ شھر کي پاڻي فراھم ڪرڻ آھي جيڪو سنڌ حڪومت اڪيلي نٿي ڪري سگھي: وڏو وزير

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مان ھتي ابراھيم حيدريءَ ۾ مرحوم حاجي شفيع ڄاموٽ جي لاڏاڻي تي سندس گھرڀاتين، خاندان، مٽن مائٽن ۽ برادريءَ سان تعزيت ڪرڻ پھتو آھيان. حاجي شفيع ڄاموٽ جي شخصيت کان اوھان واقف آھيو، ھُو ھڪ بهترين انسان ھو، اسان اسيمبليءَ ۾ 2013ع کان 2018 تائين گڏ ھئاسين ۽ اسان جو خانداني لاڳاپو تمام پراڻو آھي. ولي محمد ڄاموٽ صاحب کان ٿيندي حاجي محمد شفع ڄاموٽ ۽ ھاڻي محمود عالم ڄاموٽ اسان جو ايم پي اي آھي ۽ ھو اسان سان گڏ آھي ۽ منھنجي مرحوم والد صاحب جا شفيع ڄاموٽ سان پراڻي سياستدان ھئڻ جي حيثيت ۽ سندن برادريءَ سان پراڻا لاڳاپا ھئا. حاجي شفيع ڄاموٽ جو خال ڀرڻ تمام گھڻو مشڪل آھي. ھن پنھنجي علائقي جي ماڻھن لاءِ خاص طور تي ماھيگيرن جي مسئلن بابت آواز اٿاريو. ھن چيو تھ اھو ھڪ وڏو صدمو آھي. ڌڻي سڳورو سندن خاندان کي صبر عطا فرمائي. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تھ منھنجو مقصد ڪراچيءَ کي بھتر ڪرڻ آھي ۽ شھر کي پاڻي فراھم ڪرڻ آھي جيڪو سنڌ حڪومت اڪيلي سر نٿي ڪري سگھي، اسان کي وفاقي حڪومت جي سھڪار جي ضرورت آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ مان ڳالھائيندس تھ پاڻيءَ تي تمام ڊگھي ڳالھھ ٿي ويندي، مان ھاڻي به انھن کان اھا درخواست ڪندس ته اھي ان مسئلي تي اسان جو ساٿ ڏين، اھو ڪو ذاتي معاملو نھ آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ گرين لائين رٿا وفاقي حڪومت بڻائي رھي ھئي ۽ چيو ويو تھ گذريل سال 2018ع جي مارچ ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ اوھان بسون گھرايو، اسان بسون انڪري نھ آنديون  تھ ان رٿا کي مارچ 2018ع ۾ مڪمل ٿيندي نھ پيا ڏسون، ٻيھر چيو ويو تھ جون 2018ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. بسون آڻڻ وارو سائين ڪانٽريڪٽ ھيو جنھن کي مون موخر ڪيو ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن آرڊر ڏيان ھا تھ پھرين جولاءِ کان اڄ تائين ان ڪمپنيءَ کي رقم ادا ڪرڻي پئي ھا. ھن وڌيڪ چيو تھ پوءِ نئي حڪومت اچي وئي، سيپٽمبر 2018ع کي وفاقي حڪومت چيو تھ بسون اسان آڻينداسين، اسان چيو اھا سٺي ڳالھ آھي ڪراچيءَ لاءِ وفاقي حڪومت خرچ ڪرڻ چاھي ٿي تھ ڪري ان وقت کان ويندي اڄ جيڪا سال جي مجموعي گھرج آھي ان جو 20 کان 25 سيڪڙو انھن بجيٽ ۾ رکيو آھي، ھاڻي خبر نھ آھي ڪڏھن ان رٿا کي مڪمل ڪيو ويندو. ھن چيو تھ اورينج لائين بلڪل اسان جي ذميواري آھي، مان اھو مڃان ٿو ان ۾ دير ٿي ان جو ڪارڻ گرين لائين رٿا جو مڪمل نھ ٿيڻ آھي، ڇاڪاڻ تھ اورينج لائين ۽ گرين لائين ھڪ ٻئي گڏ آپريٽ ڪيون وينديون ۽ اھي الڳ نٿيون ٿي سگھن. اورينج لائين 5 ڪلو ميٽرن جو ھڪ ننڍو ٽڪڙو آھي جيڪو گرين لائين سان گڏ ھلندو ۽ منھنجو اھو وعدو آھي تھ جڏھن گرين لائين تيار ٿيندي ان کان پھرين اورينج لائين تيار ٿي ويندي تھ جيئن اتي ڪنھن بھ قسم جي تاخير نھ ٿئي، ان سان گڏ مون ٽرانسپورٽ کاتي کي چيو آھي تھ ڏٺو وڃي تھ اورينج لائين الڳ ھلائي سگھجي ٿي يا نه، ٽيڪنيڪل ماھر ھڪ ٻئي سان متفق نھ ھئا، ان تي مون چيو آھي تھ ان تي غور ويچار ڪيو وڃي ۽ مون کي رپورٽ ڏني وڃي تھ جيئن ان کي جلد مڪمل ڪري سگھي. ريڊ لائين بابت ڳالھائيندي ھن چيو تھ گذريل ٻن ٽن سالن کان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ سان ڳالھائي رھيا ھئاسين ۽ ھاڻي انھن ان رٿا کي منظور ڪيو آھي ۽ ان سان گڏ جيڪا ييلو لائين آھي ان تي ورلڊ بينڪ سان گڏ لون ايگريمنيٽ ڪيو ويو آھي پر ايڪنڪ ۾ رڪيل آھي وفاقي حڪومت ان کي اڃا منظور ناھي ڪيو، منظور ٿيڻ بعد ريڊ لائين ۽ ييلو لائين تي ڪم شروع ڪيو ويندو ۽ ڀرپور طريقي سان جيڪڏھن ڪم ڪيو وڃي تھ 18 مھينن کان ٻن سالن اندر اھي رٿائون مڪمل ٿي وينديون. مان ڳالھيون اوھان کي ٻڌايان تھ جنوري 2019ع ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو تھ وفاقي حڪومت اسپتالن کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي مون ان وقت ئي چيو ھو تھ انھن اسپتالن کي سنڌ حڪومت کي ھلائيندي. وفاقي حڪومت اھي  نٿي ھلائي سگھي، انڪري اسان انھن اسپتالن تي سيڙپڪاري ڪئي آھي، جيڪو شخص خرچ ڪندو آھي ان کي احساس ھوندو آھي تھ ھاڻ ان کي ڪھڙي ريت اڳتي وڌائجي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جي خاص ھدايت تي اين آءِ سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ لاءِ اپاءَ ورتا ويا ھئا. اھا مون کي پھرين ڏينھن کان اميد ھئي تھ اسان کي انھن کي ھلائينداسين. سپريم ڪورٽ چيو تھ 90 ڏينھن اندر تحويل ۾ ورتا وڃن پر ان بابت وفاقي حڪوت ان معاملي تي اسان سان ڪڏھن ڳالھايو نھ ڪئي ۽ ان سان گڏ سپريم ڪورٽ اھو پڻ چيو تھ سنڌ حڪومت جي انھن اسپتالن تي خرچ ڪيل رقم وفاقي حڪومت واپس ڪندي، انھن اسلام آباد مان مئي مھيني ۾ ھڪ نوٽيفڪيشن ڪڍيو تھ اسپتال اسان (وفاقي حڪومت) جا آھن ۽ بجيٽ ۾ انھن اسپتالن لاءِ ھڪ رپيو بھ نھ رکيو. اسان کي خبر ھئي تھ اھي اسپتال اسان کي ئي ھلائڻا آھن، انڪري اسان بجيٽ ۾ رقم رکي ۽ ڀرپور طريقي سان انھن جي فنڊنگ جاري آھي، انشاءَ اللھ تعاليٰ اسپتالن کي سٺي طريقي سان ھلائينداسين. سول اسپتال ۾ ڪجھھ مسئلا ضرور آھن انھن کي حل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رھيا آھيون. ملير پريس ڪلب بابت ھڪ سوال جي جواب ۾ اوھان صحافي اسان جا آھيو، اوھان سان ذيادتي ٿيڻ نھ ڏينداسين. وڏي وزير چيو تھ ھن وقت اھم مسئلو اھو آھي تھ ھن سال جا جيڪي ايف بي آر جو ھدف مقرر ڪيل ھو ان کي حاصل ناھن ڪيا ويا، اھو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آھي تھ گذريل سال کان ھن سال تمام گھٽ رقم جمع ٿي آھي. وزيراعظم اڄ کان ٽي مھينا اڳ ڪراچي آيو ھو ۽ 162 ارب رپين جو اعلان ڪيو ھو ۽ اڃا تائين ھڪ رپيو بھ ناھي ڏنو ويو. ڪڏھن اھي جادو جي ڳالھھ ڪندا آھن ۽ ڪڏھن اھي حڪمت جي ڳالھھ ڪندا آھن. مريم نواز پاران جيڪا وڊيو ڪلپ سامھون آئي آھي ان جي مڪمل طور تي جاچ ٿيڻ گھرجي اھا رڳو جوڊيشري کي ڪرڻ گھرجي ڪنھن ٻئي اداري کي نھ ڪرڻ گھرجي. جوڊيشريءَ تي اسان يقين ڪندا آھيون، جيڪڏھن اھا سھي يا غلط آھي اھڙي حساب سان ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *