مني لانڊرنگ ڪيس ۾ الطاف حسين جي ضمانت واري مدي ۾ هڪ ڀيرو وري 3 مهينن تائين واڌ

لندن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت جي مدي ۾ هڪ ڀيرو وري 3 مهينن تائين واڌ ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم سربراهه جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت اڄ ختم ٿي، جنهن ڪري کيس برطانوي پوليس سامهون پيش ٿيڻو پيو، الطاف حسين پنهنجي گهر کان گاڏي ۾ پوليس اسٽيشن روانو ٿيو، جنهن دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، سندس وڪيل فروغ نسيم ۽ بيرسٽر سيف به ساڻس گڏ هئا. الطاف حسين جي گاڏي پوليس اسٽيشن جي پوئين دروازي کان داخل ٿي، جنهن کانپوءِ کيس هڪ ڪمري ۾ نيو ويو، جتي سندس انٽرويو ڪيو، هن اسڪاٽ لانيڊ يارڊ جي مختلف سوالن جا ڪيتري ئي دير تائين جواب ڏنا، انٽرويو ۽ پڇا ڳاڇا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سندس ضمانت واري مدي ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي، واضح رهي ته ان کان پهرين به الطاف حسين جي ضمانت ۾ 4 ڀيرا واڌ ٿي چڪي آهي، 26 آگسٽ تي ايم ڪيو ايم قائد عدالت ۾ حاضري لاءِ وڌيڪ مهلت گهري هئي، لنڊن جي علائقي ايجويئر ۾ اسڪاٽ لينڊ ايم ڪيو ايم قائد جي گهر تي ڇاپو هڻي لکين پائونڊ هٿ ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ مٿس مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *