مني لارڊنگ ڪيس: ماڊل ايان تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو

راولپنڊي (م.ڊ) مني لارڊنگ ڪيس ۾ آخر ايان علي تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو.سخت سيڪيورٽي ۾ پهچندڙ ماڊل ايان علي کي راولپنڊي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،جتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد کان دبئي ويندڙ ماڊل ايان علي کي گرفتار ڪيو ويو هو،جنهن کانپوءِ راولپنڊي جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي اختيارين عدالت کان ماڊل جي 3 لاءِ جسماني رمانڊ لاءِ درخواست ڪئي هئي، ان وقت ماڊل ايان جي وڪيل مڃيو هو ته بيگ مان ملندڙ پئسا ماڊل ايان جا ئي آهن.لڳ ڀڳ 8 مهينا پوليس جي حراست هيٺ رهندڙ ماڊل ايان علي تي اڄ فرد جرم لاڳو ٿي ويو، پر ماڊل  ڏوهه مڃڻ کا انڪار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *