مني بجيٽ کي ڀرپور طاقت سان روڪينداسين: ن ليگ جو اعلان

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته مني بجيٽ قومي سلامتي ۽ خودمختياري جو سوڌو آهي منظور ٿيڻ نه ڏينداسين سستي پاڪستان جو پروپيگنڊا ڪرڻ بدران مني بجيٽ واپس ورتي وڃي مني بجيٽ منظور ٿي ته پاڪستان جي معاشي خودمختاري هارائي ويندي، هي مني بجيٽ حڪومت جي جيو اڪنامڪس جي تصور جي خلاف اهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيو اڪنامڪس تي پاڪستان کي کڻي هلنو آهي ته مني بجيٽ واپس ورتي وڃي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت گهٽ ٿيڻ جي باوجود قوم کي رليف ناهي ڏنو ويو عالمي منڊي ۾ تيل جي ڪمي لاءِ قوم کي دعا جي اپيل ڪندڙ حڪومت ناڪام ٿي چڪي اهي مهانگائي جو علاج وڌيڪ مهانگائي جي ڪڙي گوري سان ڪرڻ بي وقوفي مٿان وقوفي ظلم جي حد آهي مني بجيٽ بلڊوز ڪري منظور ڪرائي وئي ته پاڪستان جي نئين اسٽيبلشمينٽ جو نالو آئي ايم ايف هوندو تياريخي مهانگائي ڪري پي ٽي آئي جو عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ جو بيانيو پٽ پئجي چڪو آهي مني بجيٽ پاڪستان جي فائدي ۾ نه آهي گڏيل اپوزيشن جي قوت سان روڪينداسين مني بجيٽ روڪڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا اهيون انشاءالله ڪامياب ٿينداسين. حڪومت قومي مفادن تي پارٽي ۽ ذاتي افسوسناڪ سياست ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *