منيٰ سانحي کانپوءِ حڪومت جي ناقص انتظامن تي سينيٽ مان اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ۾ اپوزيشن پاران منيٰ سانحي کانپوءِ حڪومت جي ناقص  انتظامن خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو، اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته حڪومت، نااهل، ڪرپٽ ۽ سنگدل آهي، پيمرا جي ذريعي منيٰ سانحي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اپوزيشن جا هٿ حڪومت جي گريبان تي هوندا. سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منيٰ سانحي ۽ نندي پاور پراجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو ته منيٰ سانحي کانپوءِ 300 کان وڌيڪ حاجي شهيد يا گم آهن پر حڪومت ان حوالي سان ڪي به قدم ناهن کنيا. اعتزاز احسن چيو ته منيٰ سانحي کانپوءِ گم ۽ شهيد ٿيل حاجين جون تصويرون ۽ اڱوٺن جا نشان ويب سائيٽ تي رکيا وڃن ها ته نادرا جي ذريعي سڃاڻپ ٿي سگهي ها، جديد دور هئڻ باوجود حاجين جي سڃاڻپ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت، نااهل، ڪرپٽ بي حس، سنگدل آهي، حڪومت حاجين جي وارثن کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي. اعتزاز احسن چيو ته حڪومت هن معاملي کي پيمرا جي ذريعي دٻائڻ چاهي ٿي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، اپوزيشن جا هٿ سرڪار جي گريبان تي هوندا. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪارڪردگي بابت نيپرا جي رپورٽ تي به بحث ڪيو ويو. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جا سمورا اهلڪار چور آهن، بلوچستان جا اڪثر علائقا بجلي چوري کان محروم آهن. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته بلوچستان جي زرعي صارفين کي بجلي جو اسپيشل پئڪيج ڏنو ويو آهي. رشيد چيو ته حاجي معاهدو ڪري ويندا آهن ته جيڪڏهن فرض جي ادائيگي ۾ سندن  شهادت ٿي وڃي ته کين سعودي عرب ۾ ئي دفنايو وڃي، منيٰ سانحي ۾ شهيد ٿي ويل حاجين جون تصويرون موجود آهن. پرويز رشيد چيو ته ماضي ۾ حاجين پاران حڪومت کي هٿي کڻي بـَد دُعا ڏني وئي پر موجوده سرڪار جي انتظامن مان حاجي مطمئن هئا. هـُن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سعودي عرب ۾ موجود آهي، گم ٿيل حاجين جو پتو لڳايو پيو وڃي. پرويز رشيد چيو ته ڪنهن جي حاجي جا هٿ حڪومت جي گريبان تي نه ايندا. ٽيڪس معاملن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته هلندڙ سال وزيراعظم چاليهه لک ٽيڪس ادا ڪيو آهي. پرويز رشيد جي خطاب بعد اپوزيشن ميمبرز، منيٰ سانحي کانپوءِ حڪومت جي ناقص انتظامن تي احتجاج بعد واڪ آئوٽ ڪري ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *