منهنجي ۽ عدليه خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسا پنهنجي ريٽائرمنٽ کان اڳ خطاب ۾ چيو آهي ته عدليه جي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 32

خلاف خراب مهم شروع ڪئي وئي آهي پر سچ هميشه غالب هوندو آهي. آصف سعيد کوسا طرفان اِهي ريمارڪس سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ۾ سامهون آيا جيڪي هن جي ريٽائرمنٽ جي سلسلي ۾ رٿيو ويو هو. پر اِهي ريمارڪس خاص عدالت جي سنگين غداري ڪيس جي ان تفصيلي فيصلي جي هڪ ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيا جنهن ۾ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي هئي. واضح رهي ته آصف سعيد کوسا پاڪستان جو 26هين چيف جسٽس جي عهدي تان اڄ ريٽائر ٿي ويندو، جنهن کان پوءِ جسٽس گلزار احمد سڀاڻي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻندو. ان سلسلي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ رٿيو، جتي هن خطاب به ڪيو. پنهنجي ريٽائرمنٽ کان اڳ آصف سعيد کوسا چيف جسٽس طور، مري ۾ آمنه بي بي تي فائرنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ معاملي کي اُڪلائي ڇڏيو. ان ٻڌني دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي منهنجي عدالتي ڪيريئر جو آخري ڪيس آهي، سڀني جي لاءِ نيڪ خواهشون آهن. عدالت عظميٰ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ چيف جسٽس جي اعزاز ۾ رٿيل فل ڪورٽ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، وائس چيئرمين پاڪستان بار ڪونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار جو صدر شريڪ ٿيو، پر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موڪل تي هئڻ جي ڪري ان فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو. ان کان سواءِ اٽارني جنرل فار پاڪستان انور منصور خان به پرڏيهه هئڻ جي ڪري ان ريفرنس ۾ شريڪ ناهي ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي ايڊيشنل اٽارني جنرل نمائندگي ڪئي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هن جج طور هميشه پنهنجي حلف جي پاسداري ڪئي، قانوني تقاضن سميت بنا خوف ۽ جانبداري سان فيصلا ڪيا. هن چيو ته مون هميشه اُهو ئي ڪيو جيڪو مون درست سمجهيو هو ۽ ان کي ڪرڻ جي قابل هيس، منهنجي لاءِ اِهو اهم ناهي ته ٻين جو رد عمل يا نتيجا ڇا ٿا ٿي سگهن. ريفرنس کي خطاب ۾ هن چيو ته مون پنهنجو 100 سيڪڙو ڏنو، ڊيوٽي جي پاداش کان ٻاهر ڪارڪردگي جو مظاهور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪڏهن به آواز نه اٿاريو پنهنجي قلم جي ذريعي ڳالهه ڪئي ۽ ڪڏهن هب فيصلي کي غير موزون طور تي رد ناهي ڪيو ۽ پنهنجي زندگي جي بهترين سالن کي عوامي خدمت ۾ وقف ڪرڻ کان پوءِ اڄ منهنجو ضمير مطمئن آهي. چيف جسٽس چيو ته پنهنجي 22 سالن جي ڪيريئر دوران مختلف قانوني معاملن جو هر رخ کان جائزو ورتو جڏهن ته چيف جسٽس طور 11 مهين گڏيل طور تي 337 ڏينهن ذميواري نڀائي پر جيڪڏهن ان ۾ هفتيوار موڪل ۽ ٻين موڪلن کي ڪڍي ڇڏجي ته 235 ڏينهن ڪم ڪرڻ لاءِ مليا.  هن چيو ته ان عرصي ۾ عدالتي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ اهم ان عرصي دوران عدالتي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ اهم قدم کنيا، هڪ جج جي دل شير جيان ۽ عضوا فولاد جيان هئڻ گهرجي. خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته جڏهن آئون ڄائو هيس ته منهنجي وات ۾ هڪ ڏند هو، منهنجي خاندان ۾ اِها ڳالهه مشهور ٿي وئي ته ٻار ڏاڍو خوش قسمت هوندو. هن چيو ته مون پنهنجي عهدي جي حلف جي پاسداري ۽ قانون جي موجب بنا ڊپ يا حمايت جي انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.  پنهنجي خطاب ۾ چيف جستس فهميده رياض جي لکيل نظم فيض چوي ٿو جو ذڪر به ڪيو ۽ اُهو شعر پڙهندي ته ڪجهه ماڻهو توهان کي سمجهائيندا ته توهان کي خوف ڏيارينداسين، چيو ته منهنجي ڀرسان هڪ جج کي بي خوف هئڻ گهرجي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ۾ هن چيو ته مون پنهنجي قانوني راءِ جي درستي جي ڪا به دعويٰ ناهي ڪئي پر رڳو اميد ڪيان ٿو ته تاريخ مون کي سٺن لفظن ۾ ياد رکندي ۽ منهنجي ڪيل مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيندي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا عدليه ۽ سڌارا آڻڻ جي لاءِ کنديل قدمن جي فهرست ٻڌائي جنهن ۾ اي ڪورٽس جو قيام، آڻ لائن سپريم ڪورٽ ڊيٽا بيس، سپريم ڪورٽ ويب سائيٽ کي جوڙڻ سميت موبائيل ايپليڪيشڻ جو آغاز شامل آهي. گڏوگڏ ئي هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ٻڌڻي هيٺ فوجداري ڪيسن جو بيڪ لاگ ختم ڪيو ويو ۽ التوا گهرڻ جي ڪوشش جي موثر طريقي سان حوصلا شڪني ڪئي وئي. ان کان سواءِ نامزد چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته پنهنجي پيش رو کي ڀيٽا پيش ڪندي ريٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس کي جج طور بهترين ڪارڪردگي تي ٻڌل ۽ غير معمولي ذهانت، بي مثال ديانتداري ۽ زبردست علميت شخص قرار ڏنو. جسٽس گلزار احمد چيو ته قانون جي بالادستي، آئين جو تحفظ ۽ عدليه جي آزادي هي سڀ کان اهم ڪم آهي جنهن جو عدالت سان مستقل واسطو آهي. ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته هي عدالت ماضي ۾ به انهن چيلينجن جو مقابلو ڪري چڪي آهي ۽ مستقبل ۾ به پوري وقار ۽ سنجيدگي سان انهن چيلنجن کي حل ڪندي.  نامزد چيف جسٽس جو چوڻ هو ته رياست کي شهري ۽ معاشرتي ڍانچي جي تعمير ۽ فراهمي ڪرڻ گهرجي. گڏوگڏ ئي هن رياست تي انساني دوست سوچ، کي اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته رياست جي سمورن کاتن ۾ بدعنواني ۽ بي قاعدگين جي خاتمي جي ضرورت آهي. ريفرنس جو آغاز نئين رجسٽرار سپريم ڪورٽ خواجا دائود ڪيو، ان موقعي تي ايڊيشنل اٽانر جنرل جمر عامر الرحمان خطاب ڪيو. هن چيو ته جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي آبزرويشن ۽ فيصلن جي حوالي سان شعراڻو جج تصور ٿيندو آهي ۽ هن جج طور 55 هزار ڪيسن جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ فوجداري ڪيس جا فيصلا به شامل هئا. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ڪوڙي ضمانت، ڪوڙي شاهدي، ڪوڙي دستاويز ۽ ڪوڙن ثبوتن جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا، پر بدقمستي سان خاص عدالت جي تازي فيصلي ۾ جسٽس کوسا جي واضح ڪيل قانوني اصولن کي نظر ۾ ناهي رکيو ويو. عامر الرحمان جو چوڻ هو ته خاص عدالت جي جج جسٽس وقار احمد سيٺ جو فيصلو تعصب ۽ بدلي جو اظهار ڪري ٿو، جسٽس وقار طرفان سزا تي عملدرآمد جو طريقو غير قانوني، غير انساني، وحشياڻو ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي. هن چيو ته اِهو فيصلو ڪرمنل جسٽس سسٽم جي روايت سان به تڪرار آهي، هن جو ڪنڊڪٽ اعليٰ عدليه جي جج جي ڪنڊڪٽ جي خلاف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *