منهنجي ڪاميابي ۽ ڪم جو اعزاز اڪيلي سر مون ڏانهن ئي وڃي ٿو:پريانڪا چوپڙا

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا واضح ڪيو آهي ته منهنجي ڪاميابي ۽ بهترين ڪم جو اعزاز ڪنهن ٻئي ڏانهن نه پر رڳو ۽ اڪيلي سر مون ڏانهن ئي وڃي ٿو، نئين دهلي ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي پريانڪا چوپرا چيو ته مان اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته مونکي جيڪو به موقعو مليو، ان لاءِ مان پنهنجي دل ۽ جان لڳائي ڇڏينديس، تنهن ڪري منهنجي ڪم جو سڄو اعزاز به اڪيلي سر رڳو مون ڏانهن وڃي ٿو، ڇا ڪاڻ ته مان ئي آهيان.، جيڪا ڪيمئرا آڏو بيهان ٿي ۽ ايڪشن توڙي ڪٽ کي منهن ڏيان ٿي، اهو ڪم ڪو ٻيو اچي ناهي ڪندو، پريانڪا چوپڙا جو چو ڻ هو ته ماڻهو انهن عورتن جي ڪم جو اعزاز پاڻ کڻڻ چاهيندا آهن، جيڪي سخت محنت ڪن  ٿيون، اهي ماڻهو ٻين جي آڏو ائين چوندا آهن ته ان کي ته ٺاهيو ئي اسان آهي پر منهنجو سوال آهي ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هن جهڙِي ٻي ڪا ڇو نه ٺهي سگهي آهي اڄ تائين؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *