“منهنجي ماءُ جو ڪردار نڀاءِ ته گڏ ڪم  ڪيان”سلمان خان جوهي چاولا کي ڪراڙي چئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان هڪ تقريب ۾ اداڪارا جوهي چاولا کي فلمن ۾ پنهنجي ماءُ جو ڪردار نڀائڻ جي صورت ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جي پڪ ڏياري ڇڏي.بالي ووڊ اداڪار دبنگ خان هڪ پروگرام جي ميزباني ڪري رهيو هو،جنهن ۾ جوهي چاولا مهمان طور شامل ٿي ۽ جڏهن اداڪارا کي سلمان خان اسٽيج تي گهرايو ته ويٺلن پئي سمجهيو سلمان خان جوهي چاولا سان محبت ڀري ڳالهه ڪندو،پردبنگ خان جوهي چاولا کي پنهنجي“ماءُ” بڻجڻ جي آڇ ڪئي ته سڀئي حيران ٿي ويا.جوهي چاولا پنهنجي نئين ايندڙفلم“چاڪ اينڊ ڊسٽر”جي مشهوري لاءِ سلمان خان جي پروگرام“ريئلٽي شو”۾ شامل ٿي،جٿي جوهي چاولا سلو ميان کي فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته سلو ميان کلي کلي خيرو ٿي پيو ۽ جوهي چاولا کي ڪاوڙ جيان ڏسڻ کانپوءِ وري کليو،جنهن تي اداڪارا پريشان ٿي وئي ۽ پڇيو ته مان توهان سان گڏ ڪم ڪري سگهان ٿي،؟؟ جنهن تي دبنگ خان چيو ته جي ها،پر ان فلم ۾ توهانجو ڪردار پنهنجي “ماءُ”جو هوندو،ڇو ته تون هاڻي ڪُراڙي ٿي وئي آهين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *