منهنجي زندگي ۾ اڳتي ڇاٿيندو ڪا خبر ناهي ان بابت پريشان آهيان:سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي ميڊيا رپورٽ مطابق، هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان چيو آهي ته عدالت جي فيصلن ۾ ڇا پيو ٿئي ، جيڪڏهن توهان 5. 5 سال گڏ ڪيو ته 10.15 سال ٿي ويندا،هي منهنجي ۽ منهنجي مائٽن لاءِ هڪ وڏي پريشاني جي ڳالهه آهي هي ڪيس مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ نه پر هائيڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي  ۽ اڳتي ڇاٿيندو منهنجي زندگيءَ جو سفر ڪئين گذرندو ڪا به خبر نه ٿي پوي.سلمان خان تي الزام  هو ته سيپٽمبر 2002 ع ۾ ممبئي ۾ رات وقت شراب پي گاڏي هلائي هئي ۽ پنهنجو هوش هواس وڃائي ويٺو هو جنه ن سبب هڪ شخص فوت ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا هئا.جنهن کانپوءِ سلمان خان اُن حادثي واري جاءِ تان ڀڄي ويو هو.سندس خلاف قتل، عير ذميداري ۾ گاڏي هلائڻ، ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهڻ ، ڪيترن کي ئي نقصان پهچائڻ ۽ نشي ۾ گاڏي هلائڻ سوڌو 8 ڪيس داخل هن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *