منهنجي زندگيءَ مان اداڪاريءَ جو دور ختم ٿي ويو آهي: هيما مالني

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني چيو آهي ته اداڪاري سندس زندگيءَ جو حصو ناهي رهي ۽ زندگيءَ جو اهو دؤر ختم ٿي ويو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني چيو آهي ته سندس زندگي جو اداڪاريءَ جو دؤرو ختم ٿي ويو آهي جيڪڏهن کيس فلم ”باغبان“ يا ان جهڙي منفرد ۽ دلچسپ ڪردار جي آڇ ڪئي وئي ته هوءَ ضرور ڪندي. هن چيو ته سندس سمورو ڌيان هڪ ڊانس شو تي آهي جنهن ۾ هوءَ رقص نه ڪندي پر پروڊيسر آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هن رقص ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته هوءَ ملڪ جي خدمت سان گڏوگڏ ڊانس جي شعبي کي پڻ جاري رکڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *