منهنجي ترجيح ميڊيا ۽ حڪومت وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪرڻ هوندي: شبلي فراز

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز سڌ سماءَ جي وفاقي وزير جي عهدو جو قسم کڻي ورتو آهي، اڱاري تي اسلام آباد ۾ ايوان صدر ۾ قسم کڻڻ واري تقريب ۾ صدر عارف علوي شبلي فراز کي قسم کڻايو، ان موقعي تي ڪرونا وائرس سبب احتياطي اپاءَ به اختيار ڪيا ويا هئا، خيال رهي ته گذريل ڏينهن شبلي فراز کي سڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته فردوس عاشق اعواڻ کان سڌ سماءِ بابت خاص مددگار جو عهدو واپس ورتو ويو هو، فردوس عاشق اعواڻ جي جاءِ تي عاصم سليم باجوه کي نئون سڌ سماءَ بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو هو.

 سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته منهنجي ترجيح ميڊيا ۽ حڪومت وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪرڻ هوندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز لکيو ته سمورن اپوزيشن ليڊرن، تجزئي نگارن، اينڪرن ۽ ميڊيا جي دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن وفاقي وزير جو عهدو کڻڻ کانپوءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو الله پاڪ کان دعا آهي ته منهنجي مدد ۽ رهنمائي فرمائي، مان پنهنجا فرض عهدي جي تقاضن سان گڏ نڀائيندي توهان سڀني جي اميدن تي پورو لهي سگهان. هن چيو ته مان وزيراعظم عمران خان جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ اهم ذميواري ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *