منهنجو يا الطاف حسين جو ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل سان ڪو به تعلق نه آهي: محمد انور

لنڊن (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ محمد انور پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندس يا قائد تحريڪ الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ذميواري يا ڪارڪن جو ايم ڪيو ايم جي ڪنوينيئر جي ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل سان ڪو به تعلق نه آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل جي الزام ۾ پاڪستان ۾ گرفتار ماڻهن جي حوالي سان گذريل ڏينهن ميڊيا تي جيڪو مبينا اعترافي بيان سامهون آيو آهي ان ۾ کيس ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، محمد انور واضح لفظن ۾ چيو ته مان هن مبينا بيان ۾ لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪيان ٿو، هي الزام بي بنياد ۽ حقيقتن جي خلاف آهي، هن چيو ته ماضي ۾ به اهڙي ريت ڪوڙن الزامن ۽ هٿ ٺوڪي اعترافي بيان ذريعي ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ عمران فاروق شهيد جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ايم ڪيو ايم خلاف سازشن جو تسلسل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *