منهنجو فلمي ڪيريئر ٽاس جي نتيجي ۾ سامهون اچڻ تي شروع ٿيو:پريتي زنٽا جو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ کي ڪيتريون ئي سپرهٽ فلمون ڏيندڙ مشهور اداڪاره پريٽي زنٽا پنهنجي فلمي ڪيريئر بابت هڪ دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي. هڪ ڀارتي ٽي وي  جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي پريٽي زنٽا انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجو فلمي ڪيريئر ٽاس جي نتيجي ۾ سامهون اچڻ تي شروع ٿيو. پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي پريٽي زنٽا چيو ته جڏهن مون کي بالي ووڊ جي ڊائريڪٽر شيکهر ڪپور جي فلم تارا رم پم ۾ ڪم جي آفر ٿي ته مان سوچڻ سمجهڻ جي بجاءِ فيصلو قسمت تي ڇڏي ڏنو. پريٽي ٻڌايو ته جڏهن مان شيکهر سان مليس ته هن مون کي فلم تارا رم پم جي لاءِ سائن ڪرڻ چاهيو ٿي ان وقت مان کيس ننڍي ٻار جيان ڏسي رهي هئس. مون شيکهر کي چيو ته جيڪڏهن فلم مقدر آهي ته مان ٽاس ڪندس. اداڪاره چيو ته مون شيکهر کي چيو ته جيڪڏهن بيڊز آيو ته مان فلم ۾ ڪم ڪندس ۽ جيڪڏهن ٽيل آيو ته فلم ۾ ڪم نه ڪندس. پريٽي زنٽا جي جواب تي ميزبان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ان وقت سڪي جو نتيجو ٽيل اچي وڃي ها ته؟ اداڪاره جواب ڏنو ته مان ٻيهر فلم ۾ ڪم نه ڪريان ها.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *