“منهنجو جسم، منهنجي مرضي” سان اتفاق نٿي ڪريان: سونيا حسين

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا سونيا حسين گذريل ڏينهن نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي. انٽرويو دوران اداڪارا کان وسيم بادامي اهو سوال ڪيو ته هن چيو ته هو ته هو فيمينسٽ آهي ته ان جو مطلب به ٻڌائي؟ ان تي سونيا حسين جو چوڻ هو ته فيمنزم کي ماڻهو عام طور تي غلط سمجهن ٿا، ماڻهو سمجهن ٿا ته هي فيمنسٽ آهن ته مردن کان نفرت ڪنديون هونديون پر ائين ناهي، فيمنزم رڳو برابري آهي، عورت ۽ مرد ٻنهي جي حقن تي ڳالهائڻو آهي. ياد رهي ته 8 مارچ تي عورت مارچ دوران فيمنسٽ عورتن “پنهنجي ماني پاڻ پچايو” ۽ “پنهنجو کاڌو پاڻ گرم ڪريو” جهڙا سلوگن سامهون آندا هئا. ان حوالي سان سونيا حسين چيو ته “جيڪڏهن عورت گهر ۾ کاڌو ٺاهي سگهي ٿي ته مرد به ٺاهي سگهي ٿو پر هي ماني وارو جيڪو نعرو ٺاهيو ويو آهي مان ان جي حق ۾ نه آهيان. هن چيو ته عورت مارچ ۾ لڳايل نعرن سان اتفاق نٿي ڪريان، منهنجو خيال آهي ته جڏهن اوهان ڪنهن شئي تي حد کان وڌي وڃون ٿا ته پوءِ ائين ڪندا آهيو. وسيم بادامي کانئس “منهنجو جسم منهنجي مرضي” بابت به پڇيو. سونيا حسين چيو ته مان ان ڳالهه سان به اتفاق نٿي ڪريان، زندگي ۾ ڪجهه ڳالهيون اهم هونديون آهن ۽ اهي رڳو عورتن لاءِ نه مردن لاءِ به يقينن اهم هونديون. ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون ڪڏهن جنسي هراساني کي منهن ڏنو پر ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ڇوڪرين سان ائين ٿيو هجي. هن چيو ته ماڻهو فلمن ۾ آئٽم سانگز ڏسڻ چاهين ۽ ان ۾ ڪو مسئلو ناهي پر جيڪڏهن کانئن پڇيو وڃي ته هو پاڻ شايد ڪڏهن ڪنهن آئٽم سانگ ۾ جوهر نه ڏيکارينديون. اداڪارا سونيا حسين ٽچ بٽن نالي فلم ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ساڻس گڏ فرحان سعيد، فيروز خان ۽ ايمان علي به جوهر ڏيکاريندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *