منهنجا ماڻهو روپلو، مخدوم بلاول ۽ دودو پڙهڻ چاهين ٿا ته ڇو نه پڙهايان: سردار شاھ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته وزيراعظم ملڪ جو آئين ناهي پڙهيو، هن پنهنجي منشور ۾ چئي ڇڏيو هو ته ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪنداسين. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد سردار شاهه چيو ته سومر 23 آگسٽ کان صوبي ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تعليمي ادارا ايس او پيز تي عمل ڪندي گهٽ حاضري سان کلندا. هن چيو ته سرڪاري ملازمن پگهار بند ٿيڻ جي خوف سبب سئو سيڪڙو ويڪسين ڪرائي آهي، ٻهراڙين ۾ ويڪسين جو عمل سست آهي، اتي رعايت هوندي. ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته اسان ٻارن کي پنهنجي هيروز بابت پڙهائي رهيا آهيون، منهنجا ماڻهو روپلي ڪولهي، مخدوم بلاول ۽ دودي سومري کي پڙهڻ چاهين ٿا ته مان ڇو نه پڙهايان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *