منظم منصوبي تحت مذهبي، نظرياتي ۽ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پُرتشدد ڪارروائي دهشتگردي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ دهشتگردي جي تعريف جي تشريح بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته منظم منصوبي تحت مذهبي، نظرياتي ۽ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پُرتشدد ڪارروائي دهشتگردي آهي، حڪومت يا عوام ۾ منصوبي تحت خوف پکيڙڻ، جاني يا مالي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي. منصوبي تحت مذهبي نفرت پکيڙڻ دهشتگردي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي تحت صحافين، ڪاروباري برادري، عوام ۽ سوشل سيڪٽر تي حملا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ دهشتگردي آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملا به دهشتگردي آهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ذاتي ڪاوڙ يا دشمني سبب ڪنهن کي قتل ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه ۽ ڀتي خوري دهشتگردي ناهي. ذاتي دشمني يا ڪاوڙ سبب مذهبي نفرت دهشتگردي ناهي، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ذاتي دشمني يا ڪاوڙ تان پوليس، پاڪ فوج ۽ سرڪاري ملامن خلاف پرتشدد واقعن ۾ ملوث هئڻ دهشتگردي ناهي، پاڪستان ۾ 1974 کان دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف قانون متعارف ڪرايا ويا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي وارو قانون وسيع آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جي حوالي سان ڪيترائي قدم ۽ ذيزائين اهڙا شامل ڪيا ويا آهن، جن جو دهشتگردي سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي. دهشتگردي جي قانون ۾ اهڙا سنگين ڏوهه شامل ڪيا ويا، جن جي ڪري عدالتن ۾ غيرضروري بار پوندو آهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ڀنگ عيوض اغوا جهڙن ٻين سنگين ڏوهن کي دهشتگردي ۾ شامل ڪرڻ سبب دهشتگردي جي اصل ڪيسن جي ٽرائل ۾ دير ٿيندي آهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته اسان پارليامينٽ کي سفارش ڪيون ٿا ته دهشتگردي جي حوالي سان نئين تشريح جو تعين ڪري، پارليامينٽ دهشتگردي جي تشريح لاءِ عالمي معيار جي لحاذ کان سياسي، نظرياتي ۽ مذهبي مقصدن جو حصول نظر ۾ رکي. عالمي سطح تي طئي ٿي چڪو آهي ته سياسي، نظرياتي يا مذهبي مقصدن جي حصول کان بنا پُرتشدد ڪارروائي دهشتگردي ناهي. پارليامينٽ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي ٽئين شيڊول ۾ شامل انهن سمورن ڏوهن کي ختم ڪري، جن جو دهشتگردي سان ڪو واسطو ناهي. 59 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف جسٽس آصف سعيد کوسا لکيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *