منشيات جي اثرائتي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ ڀرپور سهڪار جي ضرورت آهي:چوڌري نثار

نيو يارڪ(اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير چوڌري نثار علي خان هر قسم جي منشيات جي لعنت کي اثرائتي نموني ختم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي ڪوششن ۽ ڀرپور سهڪار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان منشيات جي لعنت کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط ۽ جامع قانوني پاليسي ۽ انتظامي ڍانچو جوڙي ورتو آهي، پيداواري ملڪن، ٽرانزٽ ملڪن ۽ متاثر ملڪن ۾منشيات جي محرڪ مختلف نوعيت جا آهن تنهن ڪري ٻن ملڪن يا خطن ۾ هڪ جهڙو ماحول ناهي هوندي ۽ سڀني لاءِ هڪ جهڙو حل نه نه ٿو ٿي سگهي، منشيات جي برائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي برادري کي وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيو يارڪ ۾ منشيات جي مسئلي بابت گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن پر وقار اجتماع کي منشيات جي عالمي مسئلي تي خطاب سندس لاءِ اعزاز آهي، اسان منشيات جي موتمار اثرن جي سلسلي ۾ عالمي تحفظات کان واقف آهيون ۽ ان جي ساراهه ڪريون ٿا ۽ ان جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. چوڌري نثار علي خان چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري اسان کي گهڻ رخا چئلينج رپيش آهن. ان بيهڪ اسان کي نشيدار شين ۽ آفيم جي شڪار ۽ منشيات جي ٽرانزٽ ملڪ جهڙن مسئلن ۾ مبتلا ڪيو آهي، اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اسان گذريل ٽيم سالن کان دنيا کي منشيات جي 1.86 ارب ڊوزز کان محفوظ بڻايو آهي، گذريل سال اسان 42 ٽن غير قانوني منشيات پڪڙي، عالمي سطح تي منشيات جي روڪٿام ۽ ان ڪم ۾ حصو ڏيندڙ ملڪن ۾ اسان پهرين نمبر تي آهيون ۽ اسان پنهنجن سرحدن جي ٻاهران پوري دنيا مان 25 ٽن غير قانوني منشيات پڪڙي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته منشيات جي گهرج ۾ گهتٽائي، منشيات جي علاج ۽منشيات متاثر ماڻهن جي بحالي اسان جي پهرين ترجيح آهي.گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان منشيات کان پاڪ معاشري جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون نه اهڙي معاشري جي تي منشيات برداشت ڪئي وڃي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده يو اين ڊرگ ڪنٽرول ڪنوينشنز کي منشيات جي روڪٿام جي عالمي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ بنيادي رهنما اصولن جي مخزن طور استعمال ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *