مناسب منصوبا بندي ڪئي وڃي ته ڪابه فلم فلاپ نه ٿيندي: ايشوريه راءِ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ايشوريا چيو آهي ته جيڪڏهن مناسب رٿابندي ڪئي وڃي ته ڪابه فلم فلاپ نه ٿيندي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ايشوريا چيو آهي ته فلمسازيءَ جي شعبي ۾ بزنس ڪرڻ جو هي بهترين وقت آهي، سيڙپڪاريءَ جا موقعا وڌي ويا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ اسان سمجهندا هئاسين ته فلم هٽ ٿي آهي پر پوءِ اها خبر پوندي آهي ته فلم کي پنهنجا پئسا پورا ڪرڻ ۾ 2 سال لڳندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مناسب منصوبا بندي ڪئي وڃي ته فلم جي فلاپ ٿيڻ جو خدشو تمام گهٽ ٿيندو آهي. ايشوريا چيو ته مختلف عنوانن تي فلمون ٺهي رهيون آهن، ان سان مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ اداڪارن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو آهي. واضح رهي ته ايشوريا جي نئين فلم ”جذبه“ جمعي ڏينهن رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *