ممڪن آ ته نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ ئي چونڊون ڪرايون وڃن: خواجا آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف واضح ڪيو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان جي فوج جي نئين اڳواڻ جي مقرري کان اڳ ئي ملڪ ۾ عام چونڊن جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڻ اعلان ڪري چڪو آهي ته ان کي مدت ۾واڌ نه گهرجي ان اعلان جي آجيان ڪريون ٿا ايندڙ آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي عمران خان پنهنجي ذاتي مرضي ڪرڻ چاهي پيو جيڪڏهن ليفٽيننٽ جنرل سيد حميد جو نالو سينيارٽي لسٽ ۾ هوندو ته بلڪل غور ڪيو ويندو. آرمي چيف جي مقرري جو طريقيڪار هاڻي انسٽيٽيوشنلائيز ٿيڻ گهرجي جيئن عدالت ۾ ٿيندو آهي فوج جو هڪ تقدس آهي ۽ اهو پبلڪ ڊومين ۾ موضوع بحث نه بڻجڻ گهرجي عمران خان پاران اينٽي انسٽيبلشمينٽ بيان شرم جهڙي ڳالهه آهي عمران خان چاهي ٿو ته مان اقتدار ۾ هجان ۽ ادارا منهنجي انڊر ۾ هجن عدليه ۽ فوج خود نٿي ڳالهائي سگهي فوج ۽ آئيني ادارن جو دفاع ڪرڻ اسان جو فرض آهي ۽ اسان ڪنداسين پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز علائقائي ملڪ هجڻ گهرجن. انڊيا کان سواءِ ٻين سمورن ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ چاهيون ٿا روس ۽ يوڪرين جي جنگ جي معاملي تي پاڪستان جو موقف چٽو آهي برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي ڏنل هڪ خاص انٽرويو ۾ هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته آرمي چيف جي مقرري کان اڳ اسان اليڪشن ڪرايون نومبر کان پهريان جڏهن نگران حڪومت هجي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته نومبر کان اڳ نگران حڪومت هلي وڃي ۽ نئين حڪومت اچي وڃي. ان سوال تي نگران حڪومت کان پهريان ڇا آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي بچاءُ واري وزير چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڻ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته ان کي ملازمن ۾ واڌ نه گهرجي. خواجه آصف چيو ته مون کي ڄاڻ آهي ته 2028 ۾ ڪنهن کي چيف جسٽس بڻڻو آهي هن چيو ته اها منهنجي ذاتي راءِ آهي ته آرمي چيف جي مقرري جي معاملي کي بحث آڻڻ بجاءِ طريقيڪار سئو سيڪڙو ميرٽ تي هئڻ گهرجي هي هڪ وڏو ۽ انتهائي اهم معاملو آهي. ان کي سياست بحث جو موضو هرگز نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته ايئن نه آهي ته وزيراعظم جي موڪليل نالن ۾ ڪنهن کي چونڊ ڪري هن چيو ته 2013 ۽ پوءِ 2016 ۾ ٻه آرمي چيف جي مقرري ٿي ۽ ان وقت جي وزيراعظم ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ڪيا ۽ فوج پاران ريڪميٽيشن جو مڪمل احترام ڪيو. نوازشريف جنرل راحيل شريف کي نه ڄاڻي پيو جنرل قمر جاويد باجوا جي مقرري وقت انهيءَ کي وزيراعظم ان لاءِ ڄاڻي پيو ته هو راولپنڊي ڪور ڪمانڊ ڪري رهيو هو پر ٻئي دفعا اداري جي تجويز جو احترام ڪيو ويو ۽ انهيءَ دائري ۾ رهندي ٻنهي اڳواڻن کي مقرر ڪيو ويو. هاڻي به اهڙي طرح ميرٽ تي مقرري ٿيندي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته اسان جي سياست ان طرف گهلي پئي وڃي يا اسان جي ماضي جي تجربن ۾ ريڊ لائنز مڪس ٿي چڪيون آهن. پر گذريل مهيني جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ان ڳالهه جو ثبوت ڏي ٿو ته اسان هاڻي هڪ نئين باب جو آغاز ڪيون ۽ آئين جي حدن ۾ رهندي ان جي پاسداري ڪيون. ان ۾ ئي پاڪستان جي بقا آهي خواجه آصف جو چوڻ هو ته هو سمجهي ٿو ته بيانن جي ان جنگ ۾ ان پارٽي جي شڪست جو ڪوئي امڪان نه آهي هن موجب هو تسليم ڪري ٿو ته عمران خان هڪ مقبول عوامي ليڊر آهي پر ان وٽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه موجود نه آهي. هن چيو ته عمران خان خوش نه آهي چاهي هو عدليه هجي فوج پارليمان يا ميڊيا منهنجي خيال ۾ عمران خان جو فوج مخالف بيان وڌيڪ عرصو نه هلندو ۽ پاڻ ئي ختم ٿي ويندو. هن چيو ته اسان يقيني طور تي اسٽيبلشمينٽ جي نيوٽرل رول جو دفاع ڪنداسين عدليه ۽ فوج پاڻ نٿي ڳالهائي سگهي ته اسان ماڻهو جيڪي قانوني ۽ آئيني طور تي ڳالهائي سگهون ٿا اسان ان ادارن جو دفاع ڪنداسين جيڪو به شخص آئين جي خلاف ورزي ڪري ٿو ۽ آئيني اداري جو آئين موجب پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي ۽ اگر ڪوئي ان کي اهو چوي ٿو ته جيڪو نيوٽرل آهي اهو جانور آهي ته منهنجو به اهو آئيني فرض آهي ته مان ان جو جواب ڏيان ان معاملي تي اڳوڻي وزيراعطم عمران خان جي خلاف قانوني ڪارروائي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هو اهڙي ڪارروائي ۽ اهڙن معاملن تي قانون تي عملدرآمد جي حق ۾ آهي جڏهن ته ڪنهن کي سياسي شهيد بڻجڻ جو موقعو ڏيڻ جي حق ۾ نه آهي. عمران خان جي خلاف قانوني ڪارروائي جي اعلان کان پوءِ اهو به سوال ڪيو پيو وڃي ته خود مريم نواز به اعليٰ فوجي آفيسرن جو نالو وٺندي ان تي سياسي معاملن ۾ مداخلت جو الزام لڳائي رهي آهي. ان باري ۾ ڳالهائيندي وزير دفاع خواجه آصف چيو ته اهو بلڪل درست آهي ته ان جي پارٽي جي اڳواڻ ماضي ۽ حال ۾ فوجي آفيسرن جو نالو وٺندا رهيا آهن جڏهن ته اهڙي طرح عمران خان فوج تي حملو ڪري رهيو آهي ايئن اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هن چيو ته عمران خان واضح چيو آهي ته جيڪو مان چئِي رهيو آهيان سمورا ادارا ان تي عمل ڪن ۽ ان کي مڃين بي بي سي موجب عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) کي وفاقي حڪومت جي ڪمان سنڀالڻ لاءِ ملي آهي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪي معيشت انتهائي ڪمزور حالت ۾ هجي نون پارٽين جي حڪومت ۾ هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ ۽ ترجيحات آهن ۽ سمورن اتحادين کي خوش رکندي ملڪ جي حالتن ۾ بهتري لاءِ سخت فيصلا وٺڻ مشڪل آهن ته ٻئي طرف عمران خان ۽ ان جو بيان به حڪومت جي مٿي جو سور بڻيل آهي ان باري ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ان جي پارٽي هڪ وڏي سياسي رسڪ ورتي آهي منهنجي خيال ۾ اهو دوکو ڪنهن نه ڏنو آهي اسان پاڻ ئي ورهانگ لڳائي آهي ملڪ هن وقت انتهائي مشڪل حالت ۾ آهي جيڪڏهن عمران خان وڌيڪ 14 مهينا گذاري ها تيستائين وڌيڪ نقصان ٿئي ها. هن چيو ته منهنجو موقف آهي ته جهڙي طرح يورپ يوڪرين سان گڏ آهي ايئن ئي فلسطين ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان به ٿيڻ گهرجي افغانستان جي فوجي اڏن بابت هن چيو ته اهڙو ڪوبه مطالبو اڃا ميز تي نه آهي ۽ نه ئي پاڪستان اهڙو مطالبو قبول ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *