ممڪن آهي ته 2018ع منهنجي شادي جو سال به هجي: ميرا

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار ميرا چيو آهي ته ٿي سگھي ٿو ته 2018ع منهنجي شادي جو سال به هجي. اداڪارا ميرا چيو آهي ته مون کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو منهنجي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پر مون کي سندن ڪا به پرواهه ناهي. هن چيو ته 2018ع ۾ ٺهندڙ فلمن ۾ ٻيهر ڪم ڪندي نظر اينديس جڏهن ته ممڪن آهي ته 2018ع منهنجي شادي جو سال به هجي. اداڪارا چيو ته هن وقت ٻن ڊراما سيريلز ۾ ڪم ڪري رهي آهيان جڏهن ته مون کي هڪ خانگي ٽي وي چينل طرفان ميزبان طور شو ڪرڻ جي آڇ ٿي آهي جنهن ته اڃان تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي. هن چيو ته فلم منهنجي سڃاڻپ آهي ۽ ان کي آئون ڪڏهن به نه ڇڏينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *