ممتاز قادري جي سزا تي احتجاج ڪرڻ بيوقوفي آهي:پرويز رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته ممتاز قادري جي موت واري سزا عدالتي معاملو آهي،انهيءَ تي احتجاج اجايو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستاني وڏا سمجهدار ۽ شعور وارا ماڻهو آهن،امن امان جي لاءِ ڪراچي جي شهرين وڏيون قربانيون ڏنيون آهن،اسانکي دهشتگردن جي سوچ کي ختم ڪرڻو آهي،دهشتگردي ختم ڪري ڪراچي جون روشنيون بحال ڪرائينداسين.سينيٽر پرويز رشيد جو چوڻ هو ته تربيت ۾ ڪوتاهي سبب معاشري ۾ بدامني وڌندي آهي،پر ماڻهن کي عدالتي فيصلي جو احترام جرڻ گهرجي،ممتاز قادري جي موت واري سزا تي احتجاج ڪرڻ اجايو آهي، پاڪستان کي لفظن جي جنگ گهڻو نقصان پهچايو آهي،ان لاءِ ماضي جي غلطين کي ٻهير ورجائڻ جي ضرورت ناهي.پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي حقن لاءِ پاس ڪيل بل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته هڪ پاسي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڀيڻ،ماءُ ۽ ڌيئن تي تشدد ڪري ڪري رهيا آهن.ٻئي پاسي اهي ماڻهو بيٺا آهن، جيڪي ماءُ ڀيڻ ۽ ڌي جي مٿي تي هٿ رکي بيٺا آهن ۽ اسانجي حڪومت ٻئي پاسي بيٺي آهي ۽ اسانکي فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *