ممتاز اديب، دانشور مصنف محمد ابراهيم جويو 102 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدر آباد (اين اين آءِ) مشهور اديب، دانشور، مصنف ۽ جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي محمد ابراهيم جويو 102 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ساهه جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915 تي ڪوٽڙي جي ڳوٺ آباد ۾ اک کولي، شروعاتي تعليم کانپوءِ سنڌ مدرست الاسلام ڪراچي مان ميٽرڪ پاس ڪئي، جڏهن ته ممبئي يونيورسٽي مان گريجيوئيشن ڪئي، ابراهيم جويو 1938 ۾ سنڌ مدرست الاسلام ۾ انگريزي جي استاد جي حيثيت سان ملازمت ڪئي، ان دوران هن پاڪستان جي قيام جي خلاف سيو سنڌ سيو ڪانٽيننٽ نالي تڪراري ڪتاب لکيو جنهن تي مدرسي جي بورڊ ۽ تعليم کاتي کيس نوڪري ختم ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو، ان کانپوءِ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊماسٽر مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، مشهور دانشور محمد ابراهيم جويو 1991 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، 1955 ۾ ٽه ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿيو، هن ذميواريون سنڀاليون، جڏهن ته 1997 کان 2002 تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو، هو جي ايم سيد مرحوم جو ويجهو دوست هو، جي ايم سيد جنهن جي نظريي کان متاثر هو، ابراهيم جويو تعليمي ميدان ۾ وڏيون خدمتون ادا ڪيون، سندس لاڏاڻي سان هڪ دور جو خاتمو ٿي ويو، سندس جنازي نماز صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ ادا ڪئي وئي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشور جي قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *