ملڪ ۾ 3 سالن جي بدترين مهانگائي آهي،; آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جو جواب ڪير ڏيندو؟ : شاهد خاقان

اسلام آباد: (م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مني بجيٽ پيش ڪري سموري پارليامينٽ کي بند ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب روپين جي هيٺ مٿانهين جو ذميوار ڪير آهي؟ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جو جواب ڏيڻ وارو ڪير به ناهي. حڪمرانن کي ڪوڙن ڪيسن جو جواب ڏيڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ سمورو ملڪ مني بجيٽ جو انتظار ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو آهي ته صرف 2 ارب روپين جا ٽيڪس لڳايا آهن. 3 سالن جي بدترين مهانگائي هن وقت ملڪ ۾ آهي. بجيٽ ۾ هڪ هزار روپين جي هيٺ مٿانهين ڪئي وئي. ان جي ذميواري ڪنهن ڏانهن وڃي. 6 مهينا اڳ بجيٽ ٺهيو ان جو ڪوبه جواب ڏيڻ وارو ناهي. آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جو جواب ڪير به ڏيڻ وارو ناهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڇا اسٽيٽ بئنڪ کي ڏنل خودمختاري جهڙي دنيا ۾ ڪٿي مثال آهي. هن وقت پارليامينٽ بند آهي. عوامي مفادن جون ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين. هن چيو ته 5 سال(ن) ليگ حڪومت ڪئي. ڪابه ڪرپشن ملي ته ميڊيا جي سامهون ٽرائل ڪريو، احتساب جي حقيقتن جي عوام کي خبر پوڻ گهرجي. نيب عملي کي جيڪا ڇوٽ حاصل آهي ان جو کين جواب ڏيڻو پوندو. هزارين ماڻهو سالن کان جيلن ۾ پيل آهن ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ڪيس هلن ئي نٿا. نه ئي وري ڪيسز جي ڪا حقيقت آهي. ڪوڙن ڪيسن جو نيب کي جواب ڏيڻو پوندو.  ليگي اڳواڻ چيو ته عوام جي حقن جي ڳالهه صرف اپوزيشن ڪندي آهي. وزيراعظم ۽ سندس وزيرن سوين مقرريون ڪيون پر ڪڏهن به عوامي مفاد جي ڳالهه ناهي. پارليامينٽ مفلوج هجڻ سبب اسان کي گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ سيمينار ڪرڻا پوندا آهن. ناڻي واري وزير کان پڇيو وڃي ته قرضن ۾ ڪيترو اضافو ٿيو. ملڪ جا خرچ وڌڻ سان اضافي قرض وٺڻا پوندا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *