ملڪ ۾ 1970ع کان اقتدار جي ميوزيڪل چيئر هلي رهي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته سمجهون ٿا ته بغاوت هڪ سنگين غلطي آهي پر ڪنهن کي تاحيات نااهل ڪرڻ سخت سزا آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ مسلم ليگ ق جي وڪيل اظهر صديق ايڊووڪيٽ دليل ڏنا. ق ليگ جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 63 اي جو مقصد ميمبرن کي ڦرڻ کان روڪڻ آهي، ميمبرن کي ڦرڻ کان روڪڻ لاءِ آئين ۾ ترميم به ڪئي وئي، 16 اپريل تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن پارٽي پاليسي جي ابتڙ حمزا شهباز کي ووٽ ڏنو. ٻڌڻي دوران جسٽس مظهر عالم خيل چيو ته اليڪشن ڪميشن ڊڪليريشن جو معاملو جڏهن سپريم ڪورٽ ايندو ته ڏسنداسين، توهان جي پارٽي جا ڪجهه ميمبر هڪ طرف آهن ته ڪجهه ٻئي پاسي، ق ليگ جو سربراهه خاموش آهي، خبر ناهي چوري ٿي به يا نه. معزز جج چيو ته بلوچستان جي هڪ پارٽي جا ميمبر خبر ناهي ڪنهن پاسي آهن، ڇو ٿا چئو هر سياستدان چور آهي، جڏهن ثابت نٿا ڪري سگھو. ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بي اعتماي رٿ تي بحث ٿئي ها ته سڀ ڪجهه سامهون اچي ها پر بي اعتمادي رٿ تي ليو گرانٽ ٿيڻ کانپوءِ بحث نه ڪرايو ويو، بحث ٿئي ها ته ڪو سوال پڇي ها ته بي اعتمادي رٿ پيش ڇو پيش ڪئي وئي. جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته ڪو 1960 کان معاملا ناهي هلائي رهيو، آئين ۾ جمهوري طريقي سان ترميم کانپوءِ 63 اي شامل ڪيو ويو آهي، توهان چئي رهيا آهيو ڦرڻ تي تاحيات نااهل ڪيو وڃي، سمجهون ٿا ڦرڻ هڪ سنگين غلطي آهي پر ڪنهن کي تاحيات نااهل ڪرڻ سخت سزا آهي، سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي جا ڪجهه شرط مقرر ڪري رکيا آهن. چيف جسٽس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ کي مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي جيئن ترقي ٿي سگھي، ملڪ ۾ 1970 کان اقتدار جي ميوزيڪل چيئر هلي رهي آهي، ڪنهن کي به غلط ڪم سان فائدو وٺڻ نٿا ڏئي سگھون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *