ملڪ ۾ ڪوڙن جو ٽولو حڪومت ڪري رهيو آهي، نيب پنهنجي ٻٽي احتساب جو معيار هڪ ڪري: ن ليگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪوڙن جو ٽولو حڪومت ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته هو پنهنجي پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي ٿورائتي آهي جن نواز شريف جي صحت لاءِ دعا ڪئي، هن وقت مسلم ليگ ن جي پهرين ترجيح نواز شريف جو علاج آهي، ڳالهين کان پُءِ نواز شريف جو علاج شروع ٿيندو. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نواز شريف جي باير ۾ چيو پيو وڃي ته هو علاج لاءِ لنڊن وڃڻ چاهي ٿو، نواز شريف ڪنهن به وقت لنڊن وڃڻ جو ناهي چيو، عدالت ۾ وزير اعظ۾ عمران خان ۽ سندس ترجمان جو سياسي نظريو ڪوڙو ثابت ٿيو، عمران خان ۽ سندس ترجمان پاڻ لنڊن وڃڻ چاهن ٿا. مسلم ليگ ن جي ترجمان جو چوڻ هو ته نيب ۽ حڪومت جي ڳٺ جوڙ تي مهر لڳي چڪي آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ۽ حڪومتي اڳواڻ گرفتار ناهن ٿيند ، عليمه خان، پرويز خٽڪ ۽ ڪيترن ئي ٻين ماڻهن جي خلاف نيب ڪارروائي ڇو ناهي ڪري رهي، جهانگير ترين جي مالي ۽ چوڪيدار جي نالي ڪوڙا اڪائونٽ ثابت ٿيا، جهانگير ترين کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي؟ نيب پنهنجي ٻٽي احتساب جو معيار هڪ ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري پنهنجي نوڪري بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته نواز شريف نيب سان پلي بارگين ڪري ٻاهر هليو وڃي، شهباز شريف تي هڪ به الزام ثابت ناهي ٿي سگهيو، گذريل ڏينهن هن چيو ته شباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو چيلينج ڪيو ويندو. هر ڪارروائي تي فواد چوڌري اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، نيب چيئرمين کي وضاحت ڪرڻي پوندي ته ڇا فواد چوڌري نيب جو ترجمان آهي؟ جيڪڏهن فواد چوڌري نيب جو ترجمان آهي ته نيب چيئرمين باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري جيڪڏهن فواد چوڌري ترجمان ناهي ته نيب چيئرمين  نوٽيس وٺي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *