ملڪ ۾ ڪوورنا وگهي وڌيڪ 56 مريض فوت، 2 هزار 697 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي/اسلام آباد  (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪوورنا وگهي وڌيڪ 56 مريض فوت ٿي ويا، 2 هزار 697 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن ۽ فوتين جو مجموعي تعداد 20 هزار 736 ٿي ويو، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دورن 55 هزار 965 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ڪورونا 2 هزار 697 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي طرح هاڪاري ڪيسن جي شرح 4 ڏهائي 81 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪل ڪيسز جو تعداد9 لک 62 هزار 697 ٿي ويو، ٻئي پاسي گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سنڌ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.  پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن ڪرونا ويڪسينيشن لڳائڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو ان حوالي سان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه ۽ وفاقي رٿابندي واري وزير اسد عمر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته الحمدالله گذريل ڏينهن هڪ ڏينهن ۾ ويڪسينيشن جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو اسد عمر پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 3 لک 83 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ويڪسينيشن ڪئي ويئي هن چيو ته هن وقت تائين 70 لک کان وڌيڪ ويڪسين جون خوراڪون لڳايون ويون آهن، رجسٽريشن ڪرائيندڙ ماڻهن جو انگ به وڌي رهيو آهي اسد عمر چيو ته ڪرونا ويڪسينيشن لاءِ هڪ ڪروڙ 16 لک 83 هزار ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 913 ڪيس سامھون آيا ۽ 286 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. اھا ڳالھھ اڄ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15916 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 913 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 5.7  سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 2 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5020 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4096159 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 317648 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 286 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 287044 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 90.4 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 25584 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 24532 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 1030 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 22 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 965 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 73 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 913 ڪوويڊ ڪيسن مان 409 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعيوار انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچي 180، ڏکڻ ڪراچي 81، حيدرآباد 58، سينٽرل 55، ڪورنگي 44، ملير 43، سجاول 37، ڄام شورو 34، بدين 30، ميرپورخاص 26، سانگھڙ 26، ٽنڊو محمد خان 25، سکر 23، ٽنڊو الھيار 23، ڪشمور 22، شڪارپور 22، نواب شاھھ 21، جيڪب آباد 19، ٺٽو 17، خيرپور 17، مٽياري 14، دادو 13، عمرڪوٽ 10، نوشھروفيروز 9، گھوٽڪي 7، ڪراچي اولھھ 6 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 3 نوان ڪوويڊ-19 جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *