ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 80 ماڻهو فوت، 18 سئو کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڪرونا وبا سبب وڌيڪ 80 ماڻهو فوت ۽ 1800 کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 هزار 183 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن کان پو3 ڪل ٽيسٽن جو انگ 13316397 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 843 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن اهري طرح پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 924667 ٿي ويو آهي، سرڪاري انگن اکرن مطابق هن وقت تائين سنڌ ۾ 3 لک 19 هزار 447، پنجاب ۾ 3 لک 40 هزار 557، خيبرپختونخواه ۾ هڪ لک 33 هزار 124، اسلام آباد ۾ 81 هزار 357، بلوچستان ۾ 25 هزار 295، آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 287 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 600 ماڻهن ۾ ڪرونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هن وقت سڄي ملڪ ڪرونا جي فعال مريضن جو انگ 55052 آهي جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 80 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو ڪل انگ 20930 ٿي ويو آهي اين سي او سي موجب ڪرونا مان هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار 047 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوِ صحتياب مريضن جو انگ 848685 ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *