ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 57 ماڻهو فوت، 3 هزار 60 نوان ڪيسز به رپورٽ

اسلام آباد/ڪراچي (اين اين آءِ) اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 57 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 20 هزار 308 ٿي ويو ۽ ڪورونا جا 3 هزار 60 نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي موجب هن وقت تائين متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 3 هزار 599 ٿي ويو، جڏهن ته 8 لک 20 هزار 374 ماڻهو صحتياب به ٿيا آهن، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ هن وقت تائين مجموعي طور تي 12 لک 86 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وئڪسين به لڳائي وئي آهي. سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 910 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 4936 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب اڄ وڌيڪ 814 مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت هن وقت تائين وبا مان 282410 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. هن وقت 23194 مريضن جو علاج جاري آهي. گهرن ۾ 22229 ، آئسوليشن سينٽرن ۾ ۾ 22 ۽ مختلف اسپتالن ۾ 943 مريض موجود آهن، جن مان 897 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 68 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *